ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. خميس تي چوٿين ڏينهن به اجلاس ۾ ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام ۽ سنڌ جي ورهاست بابت جاري بحث دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر پارليامينٽرين نثار احمد کهڙو پاران پيش ڪيل التوا واري رٿ تي بحث جاري رهيو. ان موقعي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن پاران جوشائتي …
سنڌ جي امڪاني ورهاڱي خلاف پيش ڪيل رٿ تي چوٿين ڏينهن به سنڌ اسيمبلي ۾ بحث جاري رهيو
ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه جي صدارت هيٺ شروع ٿيو. خميس تي چوٿين ڏينهن به اجلاس ۾ ملڪ ۾ نون صوبن جي قيام ۽ سنڌ جي ورهاست بابت جاري بحث دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر پارليامينٽرين نثار احمد کهڙو پاران پيش ڪيل التوا واري رٿ تي بحث جاري رهيو. ان موقعي تي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي ميمبرن پاران جوشائتي انداز ۾ تقريرون ڪيون ويون.حڪومتي ميمبرن پنهنجي موقف کي ورجايو ته کين ۽ صوبي جي عوام کي ڪنهن به صورت ۾ سنڌ جي ورهاست قبول ناهي، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبرن چيو ته هو به سنڌ جي وحدت تي يقين رکن ٿا، پر صوبي ۾ مسلسل ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب مجبور ٿي نون انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪري رهيا آهن ته جيئن ناانصافين جو سلسلو ختم ٿي سگهي.ڊپٽي اسپيڪر نويد انتھوني پنهنجي خطاب ۾ چيو ته بحث دوران مخالف ڌر يا حڪومتي بينچن مان ڪنهن به سنڌ جي ورهاست جي حمايت نه ڪئي، جنهن مان واضح ٿي ويو آهي ته ايوان ۾ سنڌ جي ورهاست خلاف اتفاق راءِ موجود آهي. هن چيو ته حڪومت ۽ مخالف ڌر ٻنهي طرفن کان سنڌ جي وحدت جي حق ۾ آواز اٿاريا ويا ۽ سنڌ اسيمبلي جي سڀني ميمبرن سنڌ جي ورهاست جي مخالفت ڪئي آهي.ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته اسان ۽ توهان ۾ بنيادي فرق اهو آهي ته اسان سنڌ جو کائون ٿا، توهان سنڌ کي کائو ٿا. هن چيو ته سينيئر ميمبرن جي موجودگي ۾ اسان جي راءِ هئي ته اڳ وانگر ٻيهر قرارداد آندي وڃي. پيپلز پارٽي جي ڪجهه ميمبرن جي به راءِ هئي ته قرارداد آڻي ان کي منظور ڪيو وڃي. جيڪڏهن ايجنڊا تي قرارداد اچي ها ته شايد ايتري تفصيلي بحث جي ضرورت پيش نه اچي ها.هن چيو ته 1973ع جي آئين ۾ صوبا ٺاهڻ جو اختيار صوبائي اسيمبلين کي ڏنو ويو آهي. جيڪڏهن اهو آئيني رستو موجود آهي ته پوءِ ان تي ڳالهائڻ کان ڊڄڻ جي ڪهڙي ضرورت آهي؟ توهان وٽ ٻه ڀاڱي ٽي اڪثريت موجود آهي ته پوءِ خوف ڪهڙي ڳالهه جو آهي؟ هن چيو ته جيڪڏهن عوام صوبي جي قيام جي حق ۾ هجي ته آئيني طريقي سان فيصلو ڪري سگهجي ٿو، صوبن جي قيام واري معاملي تي آئيني طريقو اختيار ڪيو وڃي، نعرن سان مسئلو حل نه ٿيندو.صابر قائمخاني چيو ته سنڌ ۾ ڪنهن به انتظامي تبديلي کان اڳ عوام جي راءِ معلوم ڪرڻ ضروري آهي، ڪو به فيصلو عوامي اتفاق راءِ کان سواءِ نه ٿيڻ گهرجي.ممتاز چانڊيو چيو ته سنڌ جي وحدت کي رڳو نقشي تي ليڪ ڪڍي ورهائي نٿو سگهجي، هن ڌرتي سان عوام جي جذباتي ۽ تاريخي وابستگي آهي ۽ سنڌ جي ورهاست جي سازشن خلاف سنڌ جا عوام متحد آهن.پيپلز پارٽي جي هري رام چيو ته جيڪڏهن سنڌ ۾ ڊويزنون، ضلعا، يونين ڪائونسلون، ميئر ۽ چيئرمين موجود آهن ته پوءِ نون انتظامي يونٽن جي ضرورت ڪهڙي آهي؟ نون انتظامي يونٽن جي قيام جو اصل مقصد واضح ڪيو وڃي، انتظامي يونٽن جي نالي تي سنڌ جي وحدت تي ڪنهن به قسم جو وار قبول نه ڪيو ويندو.پيپلز پارٽي جي شاهه حسين شيرازي چيو ته سنڌ اسان جي ڌرتي آهي ۽ سنڌ ۾ ئي دفن ٿيڻو آهي. سنڌ جي ورهاست جو ڪو سوچي به نه، غريب سنڌي جان ڏئي ڇڏيندو پر سنڌ کي ورهائڻ نه ڏيندو.پيپلز پارٽي جي دادا محمد هاليپوٽو چيو ته سنڌ جي ورهاست وارو مسئلو اڄ کان پوءِ دفن ٿي وڃڻ گهرجي، مستقبل ۾ سنڌ جي وحدت تي ڪا ڳالهه نه ٿيڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم جي مظهر عامر چيو ته اسان جي طرفان سنڌ جي ورهاست جي ڪا ڳالهه نه ڪئي وئي آهي، اسان سنڌ جي سرحدن اندر رهندي انتظامي يونٽ چاهيون ٿا. پيپلز پارٽي واضح ڪري ته ڇا اها ٻين صوبن ۾ به انتظامي يونٽن جي خلاف آهي؟ پيپلز پارٽي ڪوٽا سسٽم ختم ڪرڻ جي ڳالهه ڇو نٿي ڪري؟ پيپلز پارٽي کي اين ايف سي جو فارمولو تبديل ڪرڻ لاءِ قرارداد آڻڻ گهرجي.وڏي وزير جي صلاحڪار گيان چند ايسراڻي چيو ته سنڌ اسان جي شان ۽ آن آهي، سنڌ رهندي ته اسان جي تهذيب رهندي. هن چيو ته اسان پنهنجا سر ڪٽرائي سگهون ٿا پر سنڌ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪنداسين.وڏي وزير سنڌ جي صلاحڪار دوست محمد راهمون چيو ته اڄ اهي ماڻهو ورهاست جي ڳالهه ڪن ٿا، جن کي سنڌ پناهه ڏني. هن چيو ته آئيني طريقي کان سواءِ ڪو به صوبو نٿو ٺهي سگهي. پيپلز پارٽي جي عادل انڙ پنهنجي تقرير جي شروعات “سنڌ زنده باد” جي نعري سان ڪئي ۽ چيو ته سنڌ ڪڏهن به ورهائي نٿي سگهجي.پيپلز پارٽي جي مخدوم فخر زمان چيو ته اسان سڀ گڏجي هن نظام کي مضبوط ڪريون، سنڌ جي ورهاست جون ڳالهيون نه ٿيڻ گهرجن.صوبائي وزير رياض شاهه شيرازي چيو ته سنڌ مضبوط ٿيندي ته پاڪستان مضبوط ٿيندو. پيپلز پارٽي ڪيٽي بندر کان ڪشمير تائين موجود آهي، پيپلز پارٽي وفاق کي متحد رکيو آهي ۽ سنڌ خلاف سازشون بند ڪيون وڃن.ايم ڪيو ايم جي انيل ڪمار چيو ته اسان جي پارٽي تي الزام لڳايو ويندو آهي ته اها سنڌ جي ورهاست چاهي ٿي، جڏهن ته اسان ڪڏهن به سنڌ جي ورهاست جي ڳالهه نه ڪئي آهي. هن چيو ته انتظامي يونٽ ان لاءِ گهري رهيا آهيون ته جيئن سنڌ خوشحال ٿي سگهي.وڏي وزير جي خاص معاون ڊاڪٽر شام سندر چيو ته سنڌ جي دشمنن ۽ دوستن جي وچ ۾ هميشه جنگ رهي آهي. اڄ سڄي دنيا جون نظرون سنڌ اسيمبلي تي آهن، اسان سنڌ کي ڪو به نقصان پهچڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته سنڌ جي ترقي ۾ سنڌي هندن جو وڏو ڪردار آهي.پيپلز پارٽي جي علي احمد جان چيو ته سنڌ اسان جي ڌرتي ماءُ آهي، ان کي ڪڏهن به ورهائڻ نه ڏينداسين، پختون برادري سنڌ جي وحدت سان گڏ بيٺل آهي.پيپلز پارٽي جي تيمور ٽالپر چيو ته ڪنهن به غير آئيني طريقي سان سنڌ کي ورهائڻ جي ڪوشش ڪامياب نه ٿيندي، ڀلي ڪا ٽين طاقت به آندي وڃي، سنڌ کي ڪو به جدا نٿو ڪري سگهي. سنڌ جو ٻچو ٻچو سنڌ جي وحدت جي دفاع لاءِ ٻاهر نڪري بيهندو. هن چيو ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به ڪوشش جي عوام ڀرپور مزاحمت ڪندا.ايم ڪيو ايم جي محمد دلاور چيو ته هن وقت پيپلز پارٽي ۽ سنڌي قومپرستن جي مايوسي صاف نظر اچي رهي آهي. جيڪڏهن سنڌ ۾ صوبا بڻبا ته سنڌ جي وحدت کي ڪهڙو نقصان ٿيندو؟پيپلز پارٽي جي لياقت آسڪاڻي چيو ته سوشل ميڊيا تي گوڙ ڪرڻ ۽ اورنگي ٽائون ۾ جلسا ڪرڻ سان سنڌ ورهائي نٿي سگهجي. اهو فيصلو رڳو سنڌ جا عوام ڪري سگهن ٿا.پيپلز پارٽي جي سراج قاسم سومرو چيو ته سنڌ جي عوام ۽ هن چونڊيل ايوان هميشه سنڌ جي ورهاست واري ايجنڊا کي رد ڪيو آهي. انتظامي يونٽن جي نالي تي صوبائي خودمختياري کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي. پيپلز پارٽي اختيارن جي هيٺين سطح تائين ورهاست جي حق ۾ آهي ۽ هن ته پنهنجي مخالفن کي به بلدياتي چونڊون وڙهڻ جي دعوت ڏني.پيپلز پارٽي جي تاج ملاح چيو ته مراد علي شاهه سنڌ جي عوام جي نمائندگي جو حق ادا ڪري ڇڏيو آهي. اسان سنڌ ڌرتي خلاف ڪا به سازش ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.ايم ڪيو ايم جي معيد انور چيو ته اسان سنڌ جي ورهاست نه، پر بهتر انتظامي سهولتن لاءِ انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪئي آهي. اسان اهو به واضح ڪيو آهي ته ڪراچي سنڌ جو حصو رهندو.پيپلز پارٽي جي فرح شاهه چيو ته سنڌ بابت ڪا به ڳالهه ڪرڻ جو مناسب ۽ جائز فورم رڳو سنڌ جي چونڊيل صوبائي اسيمبلي آهي، ان کان سواءِ ٻئي ڪنهن هنڌ اهڙي ڳالهه نه ٿي ڪري سگهجي.پيپلز پارٽي جي ميمبر روما مشتاق چيو ته سنڌ جا عوام مڪمل طور متحد آهن ۽ ڪجهه ماڻهن جي خواب ڏسڻ سان سنڌ ورهائي نٿي سگهجي. سنڌ جي تحفظ لاءِ ست ڪروڙ ماڻهو موجود آهن.پيپلز پارٽي جي شاهد ٿيهم چيو ته سنڌ جي ورهاست تي سنڌ جي عوام ۽ سنڌ اسيمبلي جو موقف سڀني جي سامهون آهي، تنهن ڪري هاڻي ڪنهن کي به ڪنهن غلط فهمي ۾ نه رهڻ گهرجي.ايم ڪيو ايم جي ميمبر اسيمبلي سڪندر خاتون چيو ته اسان به سنڌ جي وحدت تي يقين رکون ٿا، پر سنڌ ۾ مسلسل ڪرپشن ۽ بدانتظامي سبب مجبور ٿي نون انتظامي يونٽن جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون ته جيئن ناانصافي جو سلسلو ختم ٿي سگهي. پيپلز پارٽي جي صائمه آغا چيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت سنڌ جي عوام سان گڏ بيٺل آهي، سنڌ جي وسيلن تي ڪنهن کي به قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين.پيپلز پارٽي جي زبير جوڻيجو چيو ته سنڌ هميشه کان هڪ هئي ۽ هڪ ئي رهندي، سنڌ جي وحدت تي ڪو به سمجهوتو ممڪن ناهي.پيپلز پارٽي جي آغا شهباز دراني چيو ته سنڌ قيام پاڪستان کان اڳ به موجود هو، بلڪه هي اهو خطو آهي جنهن پاڪستان ٺاهڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، ان جي ورهاست جي هر ڪوشش جي مخالفت ڪئي ويندي.ايم ڪيو ايم جي ميمبر مسرت جبين چيو ته انتظامي يونٽن جو مطالبو ڪا ڳجهي ايجنڊا ناهي، ڇو ته سنڌ جي صورتحال تمام خراب آهي ۽ ان صورتحال کي رڳو شهرن ۾ نه پر ٻهراڙين ۾ به منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. اسان اهڙو نظام چاهيون ٿا جنهن ذريعي عوام جي مشڪلاتن جو ازالو ٿي سگهي.اسيمبلي ميمبر جاويد آرائين چيو ته پيپلز پارٽي هر قوميت جي ماڻهن کي عزت ڏني آهي، سنڌ جي وحدت لاءِ رڳو سنڌي نه پر سڀني قوميتن جا ماڻهو ان سان گڏ آهن.پيپلز پارٽي جي ميمبر يوسف بلوچ چيو ته سنڌ ڌرتي جي ورهاست جو تصور به ناقابل قبول آهي، اسان سنڌ جي وحدت سان گڏ بيٺل آهيون.ايم ڪيو ايم جي ميمبر نصير احمد چيو ته اسان هتي سنڌ جي ورهاست نه پر بدانتظامي جي ڳالهه ڪري رهيا آهيون. اسان کي سنڌ جي عوام لاءِ آواز اٿارڻ کان ڪو به روڪي نٿو سگهي.












