نائب وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي او آءِ سي جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل اسماعيل اولد شيخ احمد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه

اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل اسماعيل اولد شيخ احمد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسحاق ڊار اتفاق راءِ سان سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ او آءِ سي سان پاڪستان جي خصوصي وابستگي ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب …

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار او آءِ سي جي نئين چونڊيل سيڪريٽري جنرل اسماعيل اولد شيخ احمد سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، اسحاق ڊار اتفاق راءِ سان سيڪريٽري جنرل چونڊجڻ تي کيس مبارڪباد ڏني ۽ او آءِ سي سان پاڪستان جي خصوصي وابستگي ۽ اهميت کي اجاگر ڪيو. خميس ڏينهن پرڏيهي وزارت پاران جاري بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته نئون چونڊيل سيڪريٽري جنرل مسلمان امت جي مفادن جي فروغ ۽ گڏيل ڳڻتي جي معاملن بشمول فسلطين ۽ ڄمون ۽ ڪشمير مسئلي جي حل لاءِ اهم ڪردار ادا ڪندو. سيڪريٽري جنرل پنهنجي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا ادا ڪيا ۽ او آءِ سي ۾ پاڪستان جي اهم ڪردار کي تسليم ڪيو. هن ايران تڪرار جي خاتمي جي لاءِ پاڪستان جي قيادت خاص طور تي وزيراعظم محمد شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تي صحيحن تي پڻ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير کي مبارڪباد ڏني ۽ ان کي علائقائي امن ۽ سلامتي جي لاءِ اهم قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته مسلمان امت جي خدمت ۽ گڏيل مفادن جي فروغ جي لاءِ او آءِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي لاءِ ويجهو تعاون جاري رکيو ويندو. ٻنهي اڳواڻن گڏيل رابطن جي تسلسل کي برقرار رکڻ ۽ جلد ملاقات جي عزم جو پڻ اظهار ڪيو.