وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پمز ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ نئين ڄاول ٻار جي حياتي بچائيندڙ نرس رضيه نورين جي ملاقات، قومي اعزاز ڏيڻ جو اعلان، هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو

اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ پنهنجي جان تي کيڏي نئين ڄاول ٻار جي حياتي بچائيندڙ نرس رضيه نورين سان خميس ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ سندس همت ۽ جذبي جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته نرس رضيه نورين پنهنجي جان تي کيڏي جنهن همت ۽ عظيم مقصد جي لاءِ …

اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پمز ۾ باهه لڳڻ جي واقعي ۾ پنهنجي جان تي کيڏي نئين ڄاول ٻار جي حياتي بچائيندڙ نرس رضيه نورين سان خميس ڏينهن هتي ملاقات ڪئي ۽ سندس همت ۽ جذبي جي واکاڻ ڪئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته نرس رضيه نورين پنهنجي جان تي کيڏي جنهن همت ۽ عظيم مقصد جي لاءِ نئين ڄاول ٻار جي حياتي بچائي، ان نيڪ عمل جي لاءِ الله تعالى تمام گهڻو اجر عطا فرمائيندو، پوري قوم کي مٿس فخر آهي ۽ سندس همت ۽ بهادري جي معترف آهي، جنهن نئين ڄاول ٻار جي هُن حياتي بچائي ان جي والده به پوري زندگي کيس پنهنجي دعائن ۾ ياد رکندي. وزيراعظم چيو ته عظيم مقصد جي لاءِ پنهنجي جان خطري ۾ وجهي نئين ڄاول ٻار جي حياتي بچائڻ عظيم عمل آهي. هن چيو ته قوم جي ڌيءَ رضيه نورين جو ڪارنامو تاريخ ۾ سنهري لفظن ۾ ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته پوري قوم ڪارنامو سرانجام ڏيڻ تي رضيه نورين کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي. وزيراعظم اعلان ڪيو ته 23 مارچ تي رضيه نورين کي سندس خدمتن جي اعتراف ۾ قومي اعزاز سان نوازيو ويندو. هن چيو ته هڪ ڪروڙ رپين جو انعام اصل ۾ سندس حوصلا افزائي جي لاءِ آهي جنهن جي هوءَ حقيقي طور تي مستحق آهي. نرس رضيه نورين وزيراعظم کي ٻارڙيءَ جي حياتي بچائڻ ۽ باهه لڳڻ جي واقعي بابت تفصيلن کان پڻ آگاهه ڪيو. رضيه نورين چيو ته هوءَ ان حوصلا افزائي تي خوش آهي. هن چيو ته سندس ٻيون ساٿي نرسز به ايتري ئي محنت ۽ لڳاءُ سان ڪم ڪن ٿيون. اهو وڏو دل ڏکوئيندڙ واقعو هو. هن ٻڌايو ته هن باهه کي ڏٺو ۽ جان جي پرواهه ڪرڻ کانسواءِ اندر هلي وئي. هن هڪ ننڍڙي ٻارڙيءَ آصفه کي بچايو ۽ ٻاهر آڻي جلدي ڊاڪٽر عبدالرحمان جي حوالي ڪيو ته جيئن رش ۾ هوءَ محفوظ هٿن ۾ رهي ۽ ٻين ٻارن جي حياتي بچائڻ جي به ڪوشش ڪئي پر هنگامي صورتحال جي ڪري ائين نه ٿي سگهيو، باهه تيزي سان پکڙجي وئي ۽ اوچتو اونداهي ٿي وئي ۽ دونهون پکڙجي ويو. هن حوصلا افزائي تي وزيراعظم جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته پمز ۾ باهه لڳڻ تمام گهڻو دل ڏکوئيندڙ واقعو آهي، ذميوارن جي خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي جڏهن ته صحت واري وزارت کي پمز اسپتال ۾ سهولتن جي بهتري ۽ مسئلن جي حل لاءِ هدايتون جاري ڪيون آهن. ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف رضيه نورين کي هڪ ڪروڙ رپين جو چيڪ ڏنو. صحت وارو وفاقي وزير سيد مصطفى ڪمال ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.