اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ايم ايل ون پاڪستان حڪومت جو قومي ترجيحي منصوبو آهي ۽ هلندڙ مالي سال دوران ڪراچي کان روهڙي سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن ريلوي واري وزارت ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران …
ايم ايل ون قومي ترجيحي منصوبو، ڪراچي کان روهڙي سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر هلندڙ مالي سال ۾ رکيو ويندو: حنيف عباسي

مزید خبریں
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ريلوي واري وفاقي وزير محمد حنيف عباسي چيو آهي ته ايم ايل ون پاڪستان حڪومت جو قومي ترجيحي منصوبو آهي ۽ هلندڙ مالي سال دوران ڪراچي کان روهڙي سيڪشن جي پيڙهه جو پٿر رکڻ جون سموريون تياريون مڪمل ڪيون پيون وڃن. اها ڳالهه هن خميس ڏينهن ريلوي واري وزارت ۾ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر جي اڳواڻي ۾ آيل وفد سان ملاقات دوران چئي. ملاقات ۾ ڪراچي کان روهڙي ايم ايل ون سيڪشن جي اپ گريڊيشن، فنانسنگ ماڊل، ريلوي جي جاري سڌاراجاتي ايجنڊا ۽ مستقبل جي اسٽريٽجڪ روڊ ميپ تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وفاقي وزير تفيصل ٻڌائيندي چيو ته ڪراچي کان روهڙي سيڪشن جي اپ گريڊيشن تي اٽڪل 2.5 ارب آمريڪي ڊالرن جي لاڳت جو ڪاٿو لڳايو ويو آهي ۽ حڪومت ان منصوبي کي ٽن سالن جي مدي ۾ مڪمل ڪرڻ جو هدف رکي ٿي. هن واضح ڪيو ته وزيراعظم جي هدايت موجب 183 ڪلوميٽر ڊگهي نواب شاهه کان روهڙي سيڪشن تي ترجيحي بنيادن تي ڪم شروع ڪيو ويندو. ان موقعي تي هن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي مرڪزي سيڙپڪاري قرض (انويسٽمنٽ لون) جي منظوري جي عمل کي تيز بڻائڻ جي درخواست به ڪئي. حنيف عباسي ايم ايل ون کي پاڪستان ريلوي کي پوري نظام جي شهه رڳ قرار ڏيندي چيو ته ان اهم ڪوريڊور جي جديد رخن تي آڻڻ سان ڪراچي کان لاهور سفر جي وقت ۾ اٽڪل 5 ڪلاڪن جي واضح گهٽتائي ايندي. هن وڌيڪ چيو ته جديد ٽريڪس سان ٽرينن جي رفتار وڌندي، ريلوي جي آپريشنل ڪارڪردگي بهتر ٿيندي ۽ عوام کي وڌيڪ تيز، محفوظ ۽ اعتماد جوڳيون سفري سهولتون ميسر اينديون. ريلوي سڌارا ۽ ان جي مالي پائيداري تي روشني وجهندي وفاقي وزير چيو ته کاتي ۾ گورننس جي بهتري، آئوٽ سورسنگ، پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ۽ ڊجيٽلائيزيشن تي تيزي سان عملدرآمد ٿي رهيو آهي. هن چيو ته آءِ ٽي ٽولز جي موثر استعمال سان ريلوي خدمتن کي شفاف ۽ مسافر دوست بڻايو پيوو ڃي ته جيئن کاتي مالي طور پاڻڀرو ٿي سگهي. هن فريٽ سيڪٽر جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته روڊن جي ڀيٽ ۾ ريلوي ذريعي سامان جي رسد وڌيڪ سستي ۽ محفوظ آهي، ان لاءِ مسافر ٽرينن سان گڏوگڏ فريٽ آپريشنز کي سگهه ڏيڻ اولين ترجيح آهي. ايم ايل ون جي تڪميل سان فريٽ ٽرينن جي رفتار ۽ ڪيپيسٽي ۾ واڌ ٿيندي. هن روهڙي کان پشاور ايم ايل ون جي باقي حصن جي فنانسنگ لاءِ به ايشيائي ترقياتي بئنڪ ۽ ٻين حصيدارن سان ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر ينگ پاڪستان ريلوي ۾ جاري سڌاراجاتي قدمن، جديد انتظامي ويزن ۽ وفاقي وزير جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته اي ڊي بي پاڪستان ۾ ريلوي جي بنيادي ڍانچي جي بهتري ۽ پائيدار ترقياتي منصوبن ۾ پنهنجو ڀرپور مالي تعاون جاري رکندو، وفاقي وزير پاڪستان جي ريلوي انفرا اسٽرڪچر جي بحالي لاءِ اي ڊي بي جي مسلسل معاونت تي وفد جو ٿورو مڃيو.











