اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلوچستان ۾ مواصلاتي شعبي جي بهتري، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن، صوبي جي اهم شاهراهن جي تعمير ۽ ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اين 25 ڪراچي – ڪوئيٽا، چمن پاڪستان ايڪسپريس وي 415 ارب روپين …
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان بلوچستان جي گورنر جي ملاقات

مزید خبریں
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل ملاقات ڪئي، جنهن ۾ بلوچستان ۾ مواصلاتي شعبي جي بهتري، نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جي جاري ۽ تجويز ڪيل منصوبن، صوبي جي اهم شاهراهن جي تعمير ۽ ترقي بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات ۾ اين 25 ڪراچي – ڪوئيٽا، چمن پاڪستان ايڪسپريس وي 415 ارب روپين جي لاڳت جو اهم منصوبو آهي جيڪو بلوچستان ۾ اين ايڇ اي جي مختلف منصوبن خاص ڪري زوب باءِ پاس ۽ ٻين اهم شاهراهن تي اڳڀرائي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ايڪسپريس وي منصوبو ڪراچي ۽ ڪوئيٽا وچ ۾ سفر کي وڌيڪ آسان ۽ تيز بڻائڻ سان گڏوگڏ ٻنهي شهرن وچ ۾ مفاصلا به گهٽ ڪندو. اين 25 ڪراچي – ڪوئيٽا، چمن پاڪستان ايڪسپريس وي بلوچستان سميت ملڪ جي اهم واپاري روٽس ۾ شامل هوندو ۽ ان جي تڪميل سان خطي ۾ واپار، اچ وڃ ۽ معاشي سرگرمين کي هٿي ملندي. وفاقي وزير چيو ته ڪراچي- ڪوئيٽا، چمن پاڪستان ايڪسپريس وي اين 25 جو ۽ بلوچستان حڪومت ۾ نيشنل هاءِ وي جي منصوبن جي تڪميل کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻائي رهي آهي. هن چيو ته بلوچستان جي جاگرافيائي اهميت کي نظر ۾ رکندي صوبي ۾ جديد ۽ محفوظ شاهراهن جو نيٽ ورڪ ملڪي ترقي ۽ علائقائي واپار لاءِ انتهائي اهم آهي. بلوچستان جي گورنر جعفر خان مندوخيل بلوچستان ۾ نيشنل هاءِ وي جي منصوبن تي خاص ڌيان ڏيڻ تي مواصلات واري وفاقي وزير جو ٿورو مڃيندي چيو ته بلوچستان جي شاهراهن جي تعمير ۽ ترقي لاءِ اين ايڇ اي جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن.











