سنڌ حڪومت پاران ربيع سيزن 27-2026ع دوران آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ بابت تجويزن تي غور

ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران ربيع سيزن 2026-27 دوران آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ بابت تجويزن تي غور جاري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا جي زراعت بابت ذيلي ڪميٽي جو ٻيو اهم اجلاس سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش خان مهر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڄام خان شورو، سيد ذوالفقار علي شاهه، مخدوم محبوب الزمان …

ڪراچي-03 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ حڪومت پاران ربيع سيزن 2026-27 دوران آبادگارن کي ڊي اي پي ڀاڻ تي سبسڊي ڏيڻ بابت تجويزن تي غور جاري آهي. ان سلسلي ۾ سنڌ ڪابينا جي زراعت بابت ذيلي ڪميٽي جو ٻيو اهم اجلاس سنڌ جي زراعت واري وزير سردار محمد بخش خان مهر جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن ڄام خان شورو، سيد ذوالفقار علي شاهه، مخدوم محبوب الزمان ۽ وڏي وزير سنڌ جي خاص مددگار راجوير سنگهه سوڍا، سيڪريٽري زراعت محمد زمان ناريجو، روينيو کاتي، سنڌ بئنڪ ۽ ٻين لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي زراعت واري وزير سردار محمد بخش خان مهر چيو ته آبادگارن کي رليف فراهم ڪرڻ لاءِ مختلف تجويزن ۽ آپشنز جو جائزو ورتو پيو وڃي. ذيلي ڪميٽي جي ميمبرن کان ڊي اي پي سبسڊي بابت وڌيڪ تجويزون پڻ طلب ڪيون ويون آهن. هن چيو ته ڊي اي پي سبسڊي جي معاملي تي ذيلي ڪميٽي جا وڌيڪ هڪ يا ٻه اجلاس پڻ منعقد ڪيا ويندا. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو چيو ته ايندڙ اجلاسن ۾ ميمبرن جي تجويزن ۽ سفارشن کي حتمي شڪل ڏني ويندي، جڏهن ته ذيلي ڪميٽي جون حتمي سفارشون وڌيڪ اجلاسن کانپوءِ منظوري لاءِ سنڌ ڪابينا آڏو پيش ڪيون وينديون. صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ مخدوم محبوب الزمان چيو ته آبادگارن کي وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي ترجيح آهي.