اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال مسلسل ڌيان ۽ ٺوس ڪوششن جي گهرجائو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن …
گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ کان متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته گلگت بلتستان ۾ ٻوڏ سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال مسلسل ڌيان ۽ ٺوس ڪوششن جي گهرجائو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته متاثر ماڻهن کي وڌ کان وڌ ريليف جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي. هن اهڙن خيالن جو اظهار گلگت بلتستان اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر ملڪ ڪفايت الرحمان سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ تانگير ويلي، ديامر سان تعلق رکندڙ ٻيلن وارو اڳوڻو وزير عمران وڪيل ۽ ڪوهستان مان اڳوڻو صوبائي اسيمبلي ميمبر عبدالستار خان پڻ ساڻس گڏ هئا. ملاقات ۾ گلگت بلتستان جي مجموعي سياسي صورتحال بابت معاملا پڻ بحث هيٺ آيا. عبدالستار خان چيو ته ڪوهستان جي عوام سيد يوسف رضا گيلاني جي ٿورائتي آهي جو هن پاڪستان جي وزيراعظم جي حيثيت سان پنهنجي اقتدار جي دور ۾ داسو ۾ ڊگري ڪاليج قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کنيا. هڪ جدا ملاقات ۾ وفاقي سطح تي پاڪستان جي پنج محستبين جي حڪمن جي خلاف وفاقي محتسبين اداراجاتي سڌارا ايڪٽ 2013ع جي شق 14 تحت داخل ڪيل نمائندگين تي صادر ڪيل فيصلن بابت قانوني معاملن جي ڪنسلٽنٽ جسٽس (ر) عرفان قادر وقتي صدر کي آگاهه ڪيو. پاڪستان ايسوسيئيشن اف آٽو موٽيو پارٽس اينڊ ايڪسيسيريز مينوفيڪچررز جي چيئرمين عثمان اسلم ملڪ جي قيادت ۾ هڪ وفد پڻ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي ۽ کيس ملڪ جي آٽو موبائيل صنعت بابت معاملن تي بريفنگ ڏني. هڪ ٻي ملاقات ۾ ڊاڪٽر ڪليم زيدي ۽ روزاني خبرين ملتان جي ريزيڊنٽ ايڊيٽر سيد سجاد بخاري پڻ سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ملتان ۽ ڏکڻ پنجاب سان لاڳاپيل معاملا بحث هيٺ ايا. هن چيو ته ڏکڻ پنجاب جي عوام سيد يوسف رضا گيلاني جي ٿورائتي آهي جو هن علائقي جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي ۾ ذاتي دلچسپي ورتي. دريا خان، بکر سان تعلق رکندڙ ڊاڪٽر عبدالغفار جهمٽ پڻ وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني سان ملاقات ڪئي ۽ کيس پنهنجي علائقي بابت معاملن کان آگاهه ڪيو.











