رياض-03 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ليپ ڪانفرنس 24 ڪروڙ پاڪستانين ۽ تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ايڪو سسٽم جي عڪاسي ڪري ٿو، ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ شعباجاتي رڪاوٽون ختم ڪرڻيون پونديون. خميس ڏينهن آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب ليپ ڪانفرنس 2026ع جي موقعي تي پاڪستان جي قومي آءِ ٽي حڪمت …
ليپ ڪانفرنس 24 ڪروڙ پاڪستانين ۽ تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ايڪو سسٽم جي عڪاسي ڪري ٿو: وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه

مزید خبریں
رياض-03 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه چيو آهي ته ليپ ڪانفرنس 24 ڪروڙ پاڪستانين ۽ تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ايڪو سسٽم جي عڪاسي ڪري ٿو، ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ شعباجاتي رڪاوٽون ختم ڪرڻيون پونديون. خميس ڏينهن آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت مان جاري بيان موجب ليپ ڪانفرنس 2026ع جي موقعي تي پاڪستان جي قومي آءِ ٽي حڪمت عملي کي سعودي ويزن 2030ع سان هم آهنگ ڪرڻ لاءِ گڏيل ورڪشاپس منعقد ڪيا ويا. رياض جي ليپ ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي 50 کان وڌيڪ ٽيڪ ڪمپنين ۽ 25 اسٽارٽ اپس شريڪ آهن. ان موقعي تي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته ڪو به ملڪ اڪيلو يا ڌار رهي ترقي نٿو ڪري سگهي، فني ترقي لاءِ عالمي تعاون اڻٽر آهي. هن چيو ته ليپ ڪانفرنس 24 ڪروڙ پاڪستانين ۽ تيزي سان وڌندڙ ٽيڪ ايڪو سسٽم جي عڪاسي ڪري ٿو، ٽيڪنالاجي ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ شعباجاتي رڪاوٽون ختم ڪرڻيون پونديون. هن چيو ته پاڪستان ۽ سعودي عرب جا لاڳاپا صرف واپار تائين محدود ناهن، اسان جا نوجوان تخليقي صلاحيتن جو چٽو ثبوت آهن.











