وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان گلف پيٽروليم ايڪسپلوريشن پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آَفيسر جي ملاقات

اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان گلف پيٽروليم ايڪسپلوريشن پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آَفيسر خالد الساعتي ۽ گلف پيٽروليم ايڪسپلوريشن جي مصلح العتيبي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪمپني جي جاري سرگرمين ۽ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ ان کي وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ان موقعي …

اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ سان گلف پيٽروليم ايڪسپلوريشن پاڪستان جي چيف ايگزيڪيٽو آَفيسر خالد الساعتي ۽ گلف پيٽروليم ايڪسپلوريشن جي مصلح العتيبي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ڪمپني جي جاري سرگرمين ۽ پاڪستان جي توانائي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ ۽ ان کي وڌائڻ جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پيٽروليم ڊويزن جي ترجمان موجب ان موقعي تي ڪويتي ڪمپني گلف پيٽروليم ايڪسپلوريشن پاڪستان پنهنجي سيڙپڪاري ۾ واڌ ۽ ملڪ جي توانائي جي شعبي جي ترقي ۾ وڌيڪ ڪردار ادا ڪرڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وفاقي وزير جي پي ايڪس پي جي دلچسپي جي آجيان ڪندي ڪمپني کي سيڙپڪاري ۽ توسيع منصوبن لاءِ حڪومت طرفان مڪمل تعاون ۽ سهولت جي خاطري ڪرائي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۽ ڪويت ڀائر ملڪ آهن ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ پراڻا لاڳاپا قائم آهن. هن ڪويت سان اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ کي پاڪستان جي اهم ترجيح قرار ڏنو. خالد الساعتي ۽ مصلح العتيبي مسلسل تعاون ۽ سهولتڪاري تي پاڪستان حڪومت جو ٿورو مڃيندي پاڪستان سان جي پي ايڪس پي جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته ڪمپني ملڪ جي توانائي جي شعبي ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ جي خواهشمند آهي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ ڪويت وچ ۾ اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۽ پاڪستان جي تيل جي ڳولا جي شعبي ۽ توانائي جي شعبن ۾ سيڙپڪاري کي هٿي ڏيڻ جي گڏيل عزم کي ورجايو ويو.