اسلام آباد - 03 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي ايندڙ گهڻ رخي سفارتي سرگرمين بشمول گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾ شرڪت جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزارت جي گڏيل قومن بابت خصوصي سيڪريٽري نائب وزيراعظم کي ايندڙ سرگرمين جي تيارين ۽ …
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار جي صدارت ۾ اجلاس

مزید خبریں
اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار خميس ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪئي جنهن ۾ پاڪستان جي ايندڙ گهڻ رخي سفارتي سرگرمين بشمول گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 81هين اجلاس ۾ شرڪت جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزارت جي گڏيل قومن بابت خصوصي سيڪريٽري نائب وزيراعظم کي ايندڙ سرگرمين جي تيارين ۽ اهم معاملن بابت بريفنگ ڏني. نائب وزيراعظم پاڪستان جي ترجيحن جي حوالي سان رهنمائي فراهم ڪئي ۽ لاڳاپيل عملدارن کي جامع تيارين ۽ موثر رابطن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس ۾ پرڏيهي وزارت جي لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.











