سيڪيورٽي فورسز پاران پاڪ افغان سرحد تان مداخلت جي ڪوشش ڪندڙ ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي03 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ضلعي ڀرسان پاڪ افغان سرحد تان مداخلت جي ڪوشش ڪندڙ ڀارتي حمايت يافته  فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي. خميس ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب 31 آگسٽ ۽ 01 سيپٽمبر جي وچ واري رات جو سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ضلعي ڀرسان پاڪ افغان سرحد تان مداخلت …

راولپنڊي03 سيپٽمبر (اي پي پي)سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ضلعي ڀرسان پاڪ افغان سرحد تان مداخلت جي ڪوشش ڪندڙ ڀارتي حمايت يافته  فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪيو ويو آهي. خميس ڏينهن پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري بيان موجب 31 آگسٽ ۽ 01 سيپٽمبر جي وچ واري رات جو سيڪيورٽي فورسز اتر وزيرستان ضلعي ڀرسان پاڪ افغان سرحد تان مداخلت جي ڪوشش ڪندڙ  فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي هڪ گروهه جي چرپر جو پتو لڳايو. سيڪيورٽي فورسز پيشيوراڻي مهارت، صبر ۽ تحمل جو مظاهرو ڪندي انهن جو ڪاميابي سان مقابلو ڪيو. ڪليئرنس ۽ سينيٽائزيشن آپريشن دوران مارجي ويل دهشتگردن جي قبضي مان وڏي تعداد ۾ هٿيار ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ آيو آهي جنهن جي ذريعي اهي ملڪ ۾ امن ۽ استحڪام کي خراب ڪرڻ جا خواهشمند هئا. پاڪ افغان سرحد تي پيش آيل اهو واقعو هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي ان مستقل موقف جي تائيد ڪري ٿو ته افغان طالبان حڪومت پنهنجي سرپرستي هيٺ دهشتگرد تنظيم کي سرحد پار دهشتگردي لاءِ افغان سر زمين استعمال ڪرڻ کان روڪڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي. آءِ ايس پي آر  موجب پاڪستان جون سيڪيورٽي فورسز ملڪي سرحدن جي دفاع لاءِ پرعزم آهن، جڏهن ته علائقي ۾ موجود ڀارتي سرپرستي ۾ سرگرم وڌيڪ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ آپريشن جاري آهي.