لاڙڪاڻو ضلعي ۾ پي پي ايڇ آءِ تحت 93 ڊسپينسريون ۽ اسپتالون قائم آهن، 30 کان وڌيڪ صحت مرڪز 24 ڪلاڪ فعال رهن ٿا: جنيد احمد سوهو

لاڙڪاڻو-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پي پي ايڇ آءِ لاڙڪاڻو جي ضلعي مينيجر جنيد احمد سوهو چيو آهي ته لاڙڪاڻو ضلعي ۾ پي پي ايڇ آءِ تحت 93 ڊسپينسريون ۽ اسپتالون قائم آهن، جن مان 30 کان وڌيڪ صحت مرڪز 24 ڪلاڪ فعال رهن ٿا. اي پي پي سان  خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ جنيد احمد سوهو ٻڌايو ته پي پي ايڇ آءِ جي سمورن صحت مرڪزن تي دوائن جي بروقت …

لاڙڪاڻو-03 سيپٽمبر (اي پي پي) پي پي ايڇ آءِ لاڙڪاڻو جي ضلعي مينيجر جنيد احمد سوهو چيو آهي ته لاڙڪاڻو ضلعي ۾ پي پي ايڇ آءِ تحت 93 ڊسپينسريون ۽ اسپتالون قائم آهن، جن مان 30 کان وڌيڪ صحت مرڪز 24 ڪلاڪ فعال رهن ٿا. اي پي پي سان  خصوصي ڳالهه ٻولهه ۾ جنيد احمد سوهو ٻڌايو ته پي پي ايڇ آءِ جي سمورن صحت مرڪزن تي دوائن جي بروقت فراهمي يقيني بڻائي وڃي ٿي. هر مهيني پهرين کان ستين تاريخ تائين ضلعي جي اسپتالن ۽ ڊسپينسرين کي گهربل دوائون فراهم ڪيون وڃن ٿيون، ته جيئن سڄي مهيني لاءِ مناسب اسٽاڪ موجود رهي. ھن چيو ته 24 ڪلاڪ فعال صحت مرڪزن ۾ رات جي وقت هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ پڻ سهولتون موجود آهن، جتي ٽن شفٽن ۾ ڊاڪٽر، ليبر روم، آپريشن ٿيٽر ۽ ٻيو لاڳاپيل عملو پنهنجون ذميواريون سرانجام ڏئي ٿو. ڪيترن ئي صحت مرڪزن ۾ 24 ڪلاڪ بجلي جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ سولر سسٽم پڻ لڳايا ويا آهن. ضلعي مينيجر موجب دوائن جي ذخيري لاءِ قائم ويئر هائوس ۾ ڪولڊ اسٽوريج روم پڻ موجود آهي، جتي هنگامي دوائون، انجيڪشن ۽ مخصوص گرمي پد تي محفوظ رکڻ واريون دوائون رکيون وڃن ٿيون. دوائن جي معيار ۽ مدي جي نگراني مخصوص سافٽ ويئر ذريعي ڪئي وڃي ٿي ۽ مدو پورو ٿيڻ جي ويجهو پهتل دوائن کي بروقت تبديل ڪرايو وڃي ٿو. ھن ٻڌايو ته دوائن جي اسٽاڪ جي مسلسل نگراني ڪئي وڃي ٿي ۽ ڪنهن به صحت مرڪز تي دوا جي کوٽ جي صورت ۾ فوري طور گهربل دوا فراهم ڪئي وڃي ٿي. ويئر هائوس ۾ هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ چار دروازا ۽ فائر سيفٽي جو ضروري سامان پڻ موجود آهي. جنيد احمد سوهو چيو ته پي پي ايڇ آءِ جي بنيادي ترجيح عوام کي سندن گهرن جي ويجهو معياري طبي سهولتون، بروقت دوائون ۽ هنگامي طبي خدمتون فراهم ڪرڻ آهي.