اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته يورو بانڊز ڪاميابي سان جاري ڪرڻ سان ڪريڊٽ ريٽنگ جي عالمي ايجنسين، عالمي مالياتي مارڪيٽن ۽ سيڙپڪارن جي بحال ٿيندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ڍانچاجاتي سڌارا پائيدار اقتصادي استحڪام جي سفر جو هڪ اهم حصو آهي، معاشي استحڪام جي سفر ۾ پاڪستان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي امداد، حمايت ۽ مدد تي ٿورائتو …
يورو بانڊز ڪاميابي سان جاري ڪرڻ سان ڪريڊٽ ريٽنگ جي عالمي ايجنسين، عالمي مالياتي مارڪيٽن ۽ سيڙپڪارن جي بحال ٿيندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي: ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب

مزید خبریں
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب چيو آهي ته يورو بانڊز ڪاميابي سان جاري ڪرڻ سان ڪريڊٽ ريٽنگ جي عالمي ايجنسين، عالمي مالياتي مارڪيٽن ۽ سيڙپڪارن جي بحال ٿيندڙ اعتماد جي عڪاسي ٿي رهي آهي، ڍانچاجاتي سڌارا پائيدار اقتصادي استحڪام جي سفر جو هڪ اهم حصو آهي، معاشي استحڪام جي سفر ۾ پاڪستان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي امداد، حمايت ۽ مدد تي ٿورائتو آهي. خميس ڏينهن ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي اهتمام هيٺ پاڪستان ۾ مالي پائيداريت لاءِ ٽيڪسيشن جي موضوع تي اعليٰ سطح جي ڳالهين واري تقريب کي خطاب ڪندي وفاقي وزير چيو ته پاڪستان عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽ ۾ ٻن قسطن تي ٻڌل 3 ارب ڊالرن جي ماليت جا يورو بانڊز جاري ڪري ڇڏيا آهن جيڪي ملڪي تاريخ ۾ هڪ ئي ٽرانزيڪشن ذريعي عالمي سطح تي فنڊ گڏ ڪرڻ جو سڀ کان وڏو رڪارڊ آهي، هي ڪريڊٽ ريٽنگ جي ٽن عالمي ايجنسين طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري کانپوءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ سيڙپڪارن طرفان پاڪستان جي معيشت ۽ پائيدار معاشي قدمن تي اعتماد جو مظهر آهي. ناڻي واري وزير چيو ته يورو بانڊز لاءِ عالمي سيڙپڪارن طرفن اٽڪل 6 ارب ڊالر جون آڇون مليون جيڪي جاري ڪيل بانڊز جي ماليت کان اٽڪل ٻيڻ تي وڌيڪ آهن، ان کانسواءِ ٽرانزيڪشن ۾ دنيا جي مختلف خطن، ايشيا، وچ اوڀر، يورپ، آمريڪا سان تعلق رکندڙ متنوع اداره جاتي سيڙپڪارن ڀرپور دلچسپي جو اظهار ڪيو، جيڪو عالمي مالياتي منڊين ۾ پاڪستان تي سيڙپڪارن جي بحال ٿيندڙ اعتماد جي اهم علامت آهي. ناڻي واري وزير چيو ته اندروني ماليت جي شعبي ۾ سڌارن جو عمل شروع ڪيو ويو هو اهڙي طرح پرڏيهي ماليات ۾ به قدم کنيا ويا آهن ۽ ٽي سالا تجديد ٿيل گلوبل ميڊيم ٽرم نوٽ پروگرام تحت پهريون بانڊ جاري ڪيو ويو. ناڻي واري وزير چيو ته مالياتي نظم ۽ ضبط جي پرڏيهي فنانسنگ تائين سگهه ڏيڻ جو مقصد قرض وٺڻ جي شرط بهتر بڻائڻ، قرضن جو مدو وڌائڻ، مالي وسيلن جي ذريعا وڌيڪ بڻائڻ، رول ۽ اورري فنانسنگ جا خطرا گهٽ ڪرڻ ۽ ملڪي خودمختار قرضن جي مجموعي پروفائل کي بهتر بڻائڻ آهي. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ ڪرنٽ اڪائونٽ خساري جي کاتن ۽ مالي خساري جو ڳاڻيٽو ملڪ جي مجموعي قومي پيداوار جو 12.5 سيڪڙو هو جيڪو جون جي پڄاڻي تي گهٽجي 2.6 سيڪڙو ٿي ويو، مالي خساري جو ڳاڻيٽو 22 سالن جي گهٽ ترين سطح تي آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ جي کاتن ۾ بهتري اچي رهي آهي، گذريل ٽن سالن ۾ پرائمري سرپلس حاصل ٿيو، مالياتي استحڪام حاصل ڪرڻ ۾ اهم ڪاميابيون مليون آهن ۽ اسان کي اهو سفر جاري رکڻو آهي. سڌارن واري سفر ۾ ايف بي آر اهم ڪردار ادا ڪيو آهي، حڪومت سڌارن جي پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي، حڪومتي خرچن ۾ گهٽتائي آندي پئي وڃي، قرضن جي ادائيگي جا خرچ گهٽ ڪيا ويا آهن، گذريل ٻن سالن ۾ ايف بي آر جي اواڳڙين ۾ 40 سيڪڙو اضافو ٿيو، گذريل مالي سال ۾ 13 ٽريلين روپين جون اوڳاڙيون گڏ ڪيون ويون. هن چيو ته جڏهن اسان هن سفر جي شروعات ڪئي هئي ته جي ڊي پي جي تناسب سان ٽيڪسن جي شرح 8.8 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي وڌي 10.3 سيڪڙو آهي. ناڻي واري وزير چيو ته ڍانچاجاتي سڌارا پائيدار اقتصادي استحڪام جي سفر جو هڪ اهم حصو آهي، وزيراعظم، ڪابينا ۽ سياسي قيادت انهن سڌارن جي حمايت ڪري رهي آهي، اسان ماضي جي لاهن چارهن جي سفر کي ختم ڪرڻ چاهيون ٿا. ناڻي واري وزير چيو ته معاشي استحڪام جي سفر جو رخ درست آهي، اسان کي وڌيڪ قدمن جو سلسلو جاري رکڻو آهي، معاشي استحڪام جي ان سفر ۾ پاڪستان ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي امداد، حمايت ۽ مدد تي ٿورائتو آهي.











