اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ حقيقي معاشي تبديلي لاءِ روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ضروري آهي، جڏهن ته قرضن جي سهاري حاصل ڪيل معاشي استحڪام ڊگهي مدي وارو بنياد فراهم نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته حقيقي معاشي استحڪام انهي وقت ممڪن آهن جڏهن هو وڌيڪ قرضن جي …
روانگي واپار ۾ اضافو پاڪستان جي معاشي استحڪام ۽ ترقي جي واحد پائيدار راهه آهي، قرضن تي ٻڌل استحڪام ڊگهي مدي وارو نٿو ٿي سگهي: احسن اقبال

مزید خبریں
اسلام آباد-03 سيپٽمبر (اي پي پي)رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان کي درپيش معاشي چئلينجز کي منهن ڏيڻ ۽ حقيقي معاشي تبديلي لاءِ روانگي واپار ۾ نمايان اضافو ضروري آهي، جڏهن ته قرضن جي سهاري حاصل ڪيل معاشي استحڪام ڊگهي مدي وارو بنياد فراهم نٿو ڪري سگهي، هن چيو ته حقيقي معاشي استحڪام انهي وقت ممڪن آهن جڏهن هو وڌيڪ قرضن جي بار تي ٻڌل نه هجي. پاڪستان کي پائيدار اقتصادي ترقي لاءِ پنهنجي روانگي واپار ۾ اضافو ۽ عالمي مارڪيٽ ۾ پنهنجي چٽاڀيٽي صلاحيت بهتر بڻائڻي پوندي. وفاقي وزير اهڙن خيالن جو اظهار ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي ڏکڻ، وچ ۽ اولهه ايشيا جي نائب صدر رينگ منگ يانگ سان اسلام آباد ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ پاڪستان جي ترقياتي ايجنڊا، اڏام پاڪستان تحت جاري سڌارن ۽ معاشي ترقي لاءِ ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي تعاون سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. هن ايشيائي ترقياتي بئنڪ تي زور ڀريو ته هو روانگي واپار کي هٿي ڏيڻ ۽ ان ۾ جدت پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ جامع حڪمت عملي ۽ عملي روڊ ميپ جي تياري ۾ فني مدد فراهم ڪري. وفاقي وزير چيو ته 2022ع کان 2026ع دوران پاڪستان جي معيشت ۾ آيل بهتري اسرندڙ معيشتن لاءِ هڪ اهم مطالعاتي مثال بڻجي سگهي ٿي، هن اي ڊي بي تي زور ڀريو ته ترقياتي منصوبن جي حوالي سان حڪومت سان مسلسل ۽ موثر رابطا برقرار رکيا وڃن ته جيئن سمورن منصوبن کي قومي ترجيحن سان مڪمل طور تي هم آهنگ ڪري سگهجي. ملاقات دوران ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر وفاقي وزير احسن اقبال کي 29 ۽ 30 سيپٽمبر 2026ع تي منگوليا جي گادي واري شهر اولان باتور ۾ ٿيندڙ 25 هين ڪيريڪ وزارتي ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي قومي وفد جي قيادت ڪرڻ جي باضابطه دعوت ڏني، جنهن کي وفاقي وزير قبول ڪري ورتو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي نائب صدر چيو ته بئنڪ اڏام پاڪستان تحت پاڪستان حڪومت جي بنيادي ترجيحن سان مڪمل هم آهنگ رکي ٿو ۽ اداره جاتي صلاحيت ۾ اضافو، موسمياتي تبديلين جي اثرن کي منهن ڏيڻ ۽ ڊگهي مدي واري پائيدار معاشي ترقي لاءِ پاڪستان جي مسلسل مدد جاري رکندو.











