اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان پاڪستان ريلويز فليگ شپ ايم ايل ون ريلوي ماڊرنائزيشن پروگرام جي ڪراچي کان روهڙي سيڪشن جي حوالي سان 8 سيپٽمبر تي ارلي مارڪيٽ انگيجمينٽ سيشن منعقد ٿيندو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ مطابق پراجيڪٽ جي تياري، تجويز ڪيل پروڪيورمينٽ حڪمت عملي ۽ مستقبل جي ڪاروباري موقعن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ لاءِ آن لائن سيشن ۾ ڪنڊيڪٽرز، ڪنسلٽنٽس …
ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان ريلوي ماڊرنائيزيشن پروگرام جي ڪراچي کان روهڙي واري حصي ابت ارلي مارڪيٽ انگيجمينٽ سيشن 8 سيپٽمبر تي ٿيندو

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) ايشيائي ترقياتي بئنڪ جي سهڪار سان پاڪستان ريلويز فليگ شپ ايم ايل ون ريلوي ماڊرنائزيشن پروگرام جي ڪراچي کان روهڙي سيڪشن جي حوالي سان 8 سيپٽمبر تي ارلي مارڪيٽ انگيجمينٽ سيشن منعقد ٿيندو. ايشيائي ترقياتي بئنڪ مطابق پراجيڪٽ جي تياري، تجويز ڪيل پروڪيورمينٽ حڪمت عملي ۽ مستقبل جي ڪاروباري موقعن تي خيالن جي تفصيلي ڏي وٺ لاءِ آن لائن سيشن ۾ ڪنڊيڪٽرز، ڪنسلٽنٽس ۽ انڊسٽري جي شرڪتدارن کي شرڪت جي دعوت ڏني وئي آهي، اهو منصوبو پاڪستان جي مواصلاتي بنيادي ڍانچي لاءِ انتهائي اهميت رکي ٿو جيڪو ملڪي آبادي جي 73 سيڪڙو حصي ۽ اهم صنعتي زونز کي پاڻ ۾ ملائي ٿو. ان منصوبي تي خرچ جو ڪاٿو اٽڪل 2.5 ارب ڊالرز، ڪوريڊور جي ڊيگهه اٽڪل 480 ڪلوميٽر ڊبل لائن ٽريڪ تي ٻڌل آهي ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ جو مدو اڍائن کان ٽي سال مقرر ڪيو ويو آهي، اهو ڪوريڊور 76 سيڪڙو مسافر ۽ 98 سيڪڙو مال بردار ٽريفڪ لاءِ استعمال ٿئي ٿو. ان ميگا پراجيڪٽ تحت ريلوي جي بنيادي ڍانچي کي جديد بڻائڻ لاءِ مختلف ڪم انجام ڏنا ويندا، انهن ۾ ڪيماڙي کان لانڍي، لانڍي کان حيدرآباد، حيدرآباد کان نوابشاهه ۽ نوابشاهه کان روهڙي سيڪشنز جا سول ۽ ٽريڪ ورڪس شامل آهن، ان کان علاوه پلن، ڪلورٽس، اسٽيشنن ۽ فريٽ يارڊز جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جو ڪم به ڪيو ويندو. سموري ڪوريڊور لاءِ جديد سگنلنگ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن سسٽم لڳائڻ ۽ والٽن اڪيڊمي جي اپ گريڊيشن به ان منصوبي جو حصو آهي. سيشن 8 سيپٽمبر تي منجهند 12 وڳي کان 4 وڳي تائين آن لائن ويبنار طور منعقد ٿيندو. ان ايونٽ دوران انڊسٽري جي ماهرن سان مختلف معاملن تي مارڪيٽ فيڊ بيڪ گهريو ويندو جن ۾ ڪانٽريڪٽ پيڪيجز جي سائز، اهليت جي طريقيڪار ۽ جوائنٽ وينچر جي اسٽرڪچرز تي تجويزون شامل آهن. ٽرينن جي جاري آپريشنز دوران اڏاوتي ڪم جو محفوظ طريقيڪار، مقامي انڊسٽري جي شموليت ۽ موسمياتي تبديلين کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊجيٽل ۽ پائيدار حل تي به ڳالهه ٻولهه ٿيندي. پراجيڪٽ جي فنانسنگ جي حوالي سان ايشيائي ترقياتي بئنڪ کان علاوه ٻين ادارن سان به امڪاني شراڪت تي غور ڪيو ويندو.











