دعويٰ کان وڌيڪ رليف نه ٿا ڏئي سگهون، اپيلٽ ڪورٽ نئون ڪيس جوڙي نه ٿي سگهي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ڪنهن ڌر کي اهڙو رليف نه ٿو ڏئي سگهجي جيڪو دعويٰ ۾ واضح طور تي طلب نه ڪيو ويو هجي، اپيلٽ ڪورٽ به مڪمل انصاف لاءِ حڪم، فيصلي يا ڊگري ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي پر ايئن ڪندي نئون ڪيس يا اهڙي دعويٰ جوڙي نه ٿي سگهي جيڪا ٽرائل ڪورٽ آڏو پيش ئي نه ڪئي وئي هجي. …

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) سپريم ڪورٽ قرار ڏنو آهي ته ڪنهن ڌر کي اهڙو رليف نه ٿو ڏئي سگهجي جيڪو دعويٰ ۾ واضح طور تي طلب نه ڪيو ويو هجي، اپيلٽ ڪورٽ به مڪمل انصاف لاءِ حڪم، فيصلي يا ڊگري ۾ ترميم ڪري سگهي ٿي پر ايئن ڪندي نئون ڪيس يا اهڙي دعويٰ جوڙي نه ٿي سگهي جيڪا ٽرائل ڪورٽ آڏو پيش ئي نه ڪئي وئي هجي. جسٽس محمد علي مظهر جي سربراهي ۾ جسٽس مسرت هلالي ۽ جسٽس عرفان سعادت خان تي ٻڌل سپريم ڪورٽ جي ٽي رڪني بئنچ اهو فيصلو ميسرز ڪريسنٽ اسپننگ ملز لميٽڊ پاران لاهور هاءِ ڪورٽ جي 7 فيبروري 2019ع جي فيصلي خلاف داخل سول پٽيشن تي ٻڌايو. عدالت تفصيلي لکت واري فيصلي ۾ قرار ڏنو ته سول ڪيسن ۾ عام اصول اهو آهي ته عدالت دعويٰ ۾ واضح طور تي طلب ڪيل رليف کان وڌي نه ٿي سگهي. فيصلي ۾ الٽراپيٽيٽا ۽ ايڪسٽراپيٽيٽا جي اصولن جي وضاحت ڪندي چيو ويو ته عدالت جو دائره اختيار انهن معاملن تائين محدود هوندو آهي جيڪو ڌرين پاران حل لاءِ ان آڏو پيش ڪيا وڃن. سپريم ڪورٽ قرار ڏنو ته رڳو اها درخواست ته عدالت مناسب سمجهي ته ڪو رليف به ڏئي سگهي ٿي، اهڙي رليف جو بنياد نه ٿي بڻجي سگهي جنهن جو دعويٰ ۾ واضح طور تي مطالبو نه ڪيو ويو هجي، فيصلي مطابق اپيلٽ ڪورٽ ضابطه ديواني جي آرڊر 41 رول 33 تحت ڌرين وچ ۾ مڪمل انصاف لاءِ حڪم، فيصلي يا ڊگري ۾ ترميم، اڄ جي نئين سر جوڙجڪ يا ضروري تبديلي ڪري سگهي ٿي، پر ان ئي اهڙو رليف ڏيڻ جو اختيار ناهي جيڪو دعويٰ ۾ طلب ئي نه ڪيو ويو هجي.