دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون ۽ ڪاميابيون هر محب وطن لاءِ فخر جوڳيون آهن: وفاقي وزير عبدالعليم خان

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي اهو ثابت ڪيو آهي ته وطن جو دفاع ناقابل تسخير هٿن ۾ آهي. دهشتگردي خلاف …

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي) استحڪام پاڪستان پارٽي جي صدر ۽ وفاقي وزير عبدالعليم خان اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪامياب آپريشن تي پاڪ فوج جي جوانن کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو آهي. جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته پاڪ فوج هڪ ڀيرو ٻيهر دشمن جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي اهو ثابت ڪيو آهي ته وطن جو دفاع ناقابل تسخير هٿن ۾ آهي. دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون ۽ ڪاميابيون هر محب وطن پاڪستاني لاءِ فخر جوڳيون آهن. هن واضع ڪيو ته پاڪستان کي سرحدن تي ٻنهي پاسن کان دهشتگردي جو  چئلينج درپيش آهي جڏهن ته وطن جي دفاع لاءِ  اسان جا جوان هر وقت تيار آهن. هن و ڌيڪ چيو ته پاڪ فوج جا جوان ملڪ جي امن، بقا ۽ سلامتي لاءِ روزانو قربانيون ڏئي رهيا آهن. قوم دهشتگردي جي خاتمي لاءِ  بهادر فوج جي جرئت  کي سلام پيش ڪري ٿي.