گڊاڻي کي جديد ۽ ماحول دوست شپ ري سائيڪلنگ مرڪز بڻائينداسين: سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي)سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته گڊاڻي ۾ شپ بريڪنگ انڊسٽري کي جديد ۽ ماحول دوست شپ ري سائيڪلنگ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ 12 ارب رپين جي منصوبي تي عملي ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن اها ڳالهه گڊاڻي شپ بريڪنگ اينڊ ري سائيڪلنگ انڊسٽري جي جديدڪاري، اپ گريڊيشن ۽ لاڳاپيل سهولتن جي ترقي بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي …

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي)سامونڊي معاملن بابت وفاقي وزير محمد جنيد انوار چوڌري چيو آهي ته گڊاڻي ۾ شپ بريڪنگ انڊسٽري کي جديد ۽ ماحول دوست شپ ري سائيڪلنگ مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ 12 ارب رپين جي منصوبي تي عملي ڪم شروع ٿي ويو آهي. هن اها ڳالهه گڊاڻي شپ بريڪنگ اينڊ ري سائيڪلنگ انڊسٽري جي جديدڪاري، اپ گريڊيشن ۽ لاڳاپيل سهولتن جي ترقي بابت اسٽيئرنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. وفاقي وزير کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبي تحت 30 بسترن تي ٻڌل اسپتال، اسڪول، مزدور ڪالوني ۽ سولر انرجي سهولتن جي تعمير شروع ٿي چڪي آهي. هن چيو ته گڊاڻي ملڪي سامونڊي معيشت ۽ اسٽيل اسڪريپ مارڪيٽ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، پر روايتي شپ بريڪنگ طريقن کي محفوظ، جديد ۽ ماحول دوست شپ ري سائيڪلنگ نظام ۾ تبديل ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي. هن چيو ته منصوبي ۾ طبي عملي لاءِ رهائش، ليبر ڪالوني، پبلڪ پارڪ ۽ اٽڪل 32 ڪلوميٽرن جي روڊن جي تعمير به شامل آهي جڏهن ته صنعتي ۽ خطرناڪ گند ڪچري جي ذخيري ۽ ضايع ڪرڻ لاءِ سهولتن، فائر اينڊ ريسڪيو سروسز ۽ پاڻي جي فراهمي ۽ ٽريٽمينٽ جو نظام به قائم ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته جديدڪاري جي عمل ۾ مزدورن جي صحت، حفاظت ۽ ڀلائي کي مرڪزي حيثيت حاصل هجڻ گهرجي. گڊاڻي کي ذميوار شپ ري سائيڪلنگ جو اهڙو ماڊل بڻائڻو آهي جتي معاشي سرگرمي، مزدورن جي تحفظ ۽ ماحولياتي پائيداري گڏو گڏ اڳتي وڌن. هن چيو ته گڊاڻي جي اپ گريڊيشن سان سرڪلر اڪانامي کي به ڀرپور هٿي ملندي ڇو جو ناڪاره سامونڊي جهازن سان اسٽيل ۽ ٻئي مواد جو بهتر استعمال ممڪن ٿيندو. هن چيو ته شپ ري سائيڪلنگ رڳو سامونڊي شعبي جي سرگرمي ناهي پر ان جو سڌي ريت تعلق اسٽيل اسڪريپ جي معيشت ۽ صنعتي سپلاءِ چين سان آهي. حڪومت مالي سال 27-2026ع جي وفاقي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام تحت منصوبي لاءِ 78 ڪروڙ روپيا رکيا ويا آهن. هن چيو ته جديدڪاري پروگرام جو مقصد گڊاڻي ۾ شپ ري سائيڪلنگ جي طريقيڪار کي هانگ ڪانگ انٽرنيشنل ڪنوينشن فار دي سيف اينڊ انوائرنمينٽلي سائونڊ ري سائيڪلنگ آف شپس جي گهرجن سان هم آهنگ ڪرڻ به آهي. هن چيو ته هانگ ڪانگ ڪنوينشن محفوظ ۽ ماحول دوست شپ ري سائيڪلنگ لاءِ معيار مقرر ڪيو آهي، ان ڪري گڊاڻي ۾ خطرناڪ مواد جي انتظام، مذدورن جي تحفظ ۽ ماحولياتي سلامتي سميت مختلف شعبن ۾ عالمي گهرجن تي عمل ڪيو وڃي. وفاقي وزير لاڳاپيل اختيارين کي منصوبي تي ڪم جي رفتار برقرار رکڻ ۽ نين سهولتن ۾ گهربل حفاظتي، ماحولياتي ۽ آپريشنل معيارن کي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.