عالمي مارڪيٽ ۾ تيل ۽ جنسن جي اگهه ۾ گهٽتائي، سون ۽ چاندي جي اگهه ۾ واڌ جو لاڙو رڪارڊ

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خميس ڏينهن تيل جي اگهه ۾ گهٽتائي جو لاڙو جڏهن ته سون ۽ چاندي جي اگهه ۾ اضافي جو لاڙو رهيو. ميڊيا رپورٽن موجب ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ جا آڪٽوبر لاءِ سودا 0.94 ڊالرز جي گهٽتائي سان 90.07 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا نومبر لاءِ سودا 1.04 ڊالر جي …

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر(اي پي پي) عالمي مارڪيٽ ۾ خميس ڏينهن تيل جي اگهه ۾ گهٽتائي جو لاڙو جڏهن ته سون ۽ چاندي جي اگهه ۾ اضافي جو لاڙو رهيو. ميڊيا رپورٽن موجب ڪموڊٽي مارڪيٽ ۾ سرگرمين دوران آمريڪي ڪچي تيل ڊبليو ٽي آءِ ڪروڊ جا آڪٽوبر لاءِ سودا 0.94 ڊالرز جي گهٽتائي سان 90.07 ڊالرز في بيرل ۽ برينٽ نارٿ سي ڪروڊ جا نومبر لاءِ سودا 1.04 ڊالر جي گهٽتائي سان 94.59 ڊالرز في بيرل ۾ طئه ٿيا. سون جو اگهه 60.60 ڊالرز جي اضافي سان 4475.20 ڊالرز في اونس ۾ طئه ٿيو جڏهن ته چاندي جو اگهه هڪ ڊالر جي اضافي سان 66.47 ڊالر في اونس تي پهچي ويو. جنسن جي اگهه ۾ پڻ گهٽتائي رڪاڊ ڪئي وئي. مڪئي جا ڊسمبر لاءِ  سودا 3.50 ڊالر جي گهٽتائي سان 540.00 في بشل ۽ ڪڻڪ جا ڊسمبر لاءِ سودا 2.50 ڊالر جي گهٽتائي سان 771.50 ڊالر في بشل ۾ طئه ٿيا.