اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ جي اسلام آباد جي حڪم تي اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ وڏي پيماني تي گرينڊ ڪومبنگ سرچ آپريشنز جاري آهي. اسلام آباد پوليس جي ترجمان مطابق رمنا ٿاڻي، ڪورال ٿاڻي، ترنول ٿاڻي ۽ بني گالا ٿاڻي وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيا ويا. سرچ آپريشن دوران 101 ماڻهن ۽ 67 گهرن کي چيڪ ڪيو ويو . سرچ آپريشن دوران 07 دڪانن …
اسلام آباد پوليس جو گرينڊ ڪومبنگ سرچ آپريشن جاري

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) آءِ جي اسلام آباد جي حڪم تي اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ وڏي پيماني تي گرينڊ ڪومبنگ سرچ آپريشنز جاري آهي. اسلام آباد پوليس جي ترجمان مطابق رمنا ٿاڻي، ڪورال ٿاڻي، ترنول ٿاڻي ۽ بني گالا ٿاڻي وارن علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪيا ويا. سرچ آپريشن دوران 101 ماڻهن ۽ 67 گهرن کي چيڪ ڪيو ويو . سرچ آپريشن دوران 07 دڪانن جي پڻ چيڪنگ ڪئي وئي ۽ 75 موٽر سائيڪلن ۽ 17 گاڏين جي به جاچ پڙتال ڪئي وئي. 12 موٽر سائيڪلن کي وڌيڪ جاچ پڙتال ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ٿاڻن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي .ترجمان موجب شهري چيڪنگ دوران پوليس سان سهڪار ڪن ۽ ڪنهن به شڪي سرگرمي جو فوري اطلاع ڏين.











