راولپنڊي- 03 سيپٽمبر(اي پي پي)ترڪيه جي يوم فتح تي آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل خصوصي نغمي دو دل، ايڪ جان“ کي ڀرپور پذيرائي ملي آهي، ترڪيه جي مشهور نشڙياتي ادارن تي آءِ ايس پي آر جو نغمو ”دو دل، ايڪ جان“ خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو. تفصيل مطابق خصوصي نغمو جاري ڪرڻ تي ترڪيه جي ميڊيا پاران پاڪ فوج ۽ پاڪستاني عوام جي جذبي کي زبردست خراج …
ترڪيه جي يوم فتح تي آءِ ايس پي آر پاران جاري خاص گيت ”دو دل، ايڪ جان“ کي ترڪيه جي ميڊيا ۽ عوام پاران ڀرپور پذيرائي ملڻ لڳي

مزید خبریں
راولپنڊي- 03 سيپٽمبر(اي پي پي)ترڪيه جي يوم فتح تي آءِ ايس پي آر جي جاري ڪيل خصوصي نغمي دو دل، ايڪ جان“ کي ڀرپور پذيرائي ملي آهي، ترڪيه جي مشهور نشڙياتي ادارن تي آءِ ايس پي آر جو نغمو ”دو دل، ايڪ جان“ خاص ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو. تفصيل مطابق خصوصي نغمو جاري ڪرڻ تي ترڪيه جي ميڊيا پاران پاڪ فوج ۽ پاڪستاني عوام جي جذبي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ويو، ترڪيه جي مشهور ميڊيا ادارن ٽي آر ٽي، ليڊر ۽ الڪي ٽي وي تي نغمو ڀرپور پذيرائي ۽ تعريف حاصل ڪري رهيو آهي، ترڪيه جي ميڊيا ادان اخلاص خبر ايجنسي، هابرلردڪ غازيٽيا ۽ ٻين تي به نغمي کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو ويو، ترڪيه جي سرڪاري ۽ نجي خابرو ادارن نغمي کي پاڪ – ترڪ ڀائراڻن لاڳاپن جي بهترين عڪاسي قرار ڏنو آهي، ترڪ عوام ۾ به آءِ ايس پي آر جو خصوصي نغمو ”دو دل، ايڪ جان“ مقبوليت جي بلندين کي ڇهي رهيو آهي.











