لاڙڪاڻو-03 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ٻن مختلف هنڌن تي مقابلي دوران ٻه ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان ھٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي، نئون ديرو ٿاڻي جي حد ڀٽي لاڙو واري علائقي ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڌاڙيل آمھون سامھون ٿي پيا مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ ھڪ عدد ٽي ٽي پسٽل سميت …
لاڙڪاڻو پوليس پاران ٻن مختلف هنڌن تي پوليس مقابلا، ٻه ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار، ھٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ
لاڙڪاڻو-03 سيپٽمبر (اي پي پي) لاڙڪاڻو پوليس ٻن مختلف هنڌن تي مقابلي دوران ٻه ڌاڙيلن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندن قبضي مان ھٿيار ۽ ڦر ٿيل موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي، نئون ديرو ٿاڻي جي حد ڀٽي لاڙو واري علائقي ۾ گشت دوران پوليس ۽ ڌاڙيل آمھون سامھون ٿي پيا مقابلي دوران ٻنهي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل کي زخمي حالت ۾ ھڪ عدد ٽي ٽي پسٽل سميت گرفتار ڪيو ويو آھي. زخمي حالت ۾ گرفتار ٿيل ڌاڙيل جي سڃاڻپ ارباب عرف بابر جلباڻي جي نالي سان ٿي آھي. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڌاڙيل رتوديرو، نئون ديرو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سنگين قسم جي ڏوھن ۽ مختلف ڪيسن ۾ ملوث آهي.جڏهن ته ٻئي پوليس مقابلي دوران تعلقي ٿاڻي جي حد قمبر روڊ اڇي مسجد واري علائقي گشت تي موجود پوليس ۽ ڌاڙيل آمھون سامھون ٿي پيا، مقابلي دوران ٻنھي طرفن کان فائرنگ جي نتيجي ۾ هڪ ڌاڙيل زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان پسٽل ۽ ڦر ڪيل ھنڊا سي ڊي 125 موٽر سائيڪل ھٿ ڪري ورتي آهي . زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيل ڏوھاري جي سڃاڻپ شھداد ڪوٽ واسي منير مستوئي طور ٿي آهي. شروعاتي جاچ ۽ حاصل ڪيل معلومات موجب ڄاڻايل ڏوھاري لاڙڪاڻي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سنگين قسم جي ڏوھن ۽ ڪيسن ۾ ملوث آهي.ايس ايس پي لاڙڪاڻو اظھر خان چيو آهي ته مقابلي دوران فرار ٿي ويل ٻين ڌاڙيل جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن ڪيو پيو وڃي











