وزيراعظم ٽريڊ فيسليٽيشن بورڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽريڊ فيسليٽيشن بورڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بورڊ واپار جي پوري سپلاءِ چين ۾ بهتري آڻڻ ۽ سرحد پار واپار سان لاڳاپيل سڀني نان ٽيرف معاملن تي فيصلا ڪندو ۽ واپار جي فروغ جي حوالي سان هڪ روڊ ميپ، واپاري سهولت انڊيڪس ۽ نگراني جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا …

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽريڊ فيسليٽيشن بورڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، بورڊ واپار جي پوري سپلاءِ چين ۾ بهتري آڻڻ ۽ سرحد پار واپار سان لاڳاپيل سڀني نان ٽيرف معاملن تي فيصلا ڪندو ۽ واپار جي فروغ جي حوالي سان هڪ روڊ ميپ، واپاري سهولت انڊيڪس ۽ نگراني جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندو. خميس ڏينهن وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ واپار ۾ سهولتن جي فراهمي جي حوالي سان اهم اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ٽريڊ فيسليٽيشن بورڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني، وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڻ ٽريڊ فيسليٽيشن بورڊ جي صدارت ڪندو. تجويز ڪيل بورڊ واپار جي پوري سپلاءِ چين ۾ بهتري آڻڻ ۽ سرحد پار واپار کي سان لاڳاپيل سڀني نان ٽيرف معاملن تي فيصلا ڪندو. بورڊ واپار جي فروغ جي حوالي سان روڊ ميپ، واپاري سهولت انڊيڪس ۽ نگراني جي حوالي سان حڪمت عملي جوڙيندو. وزيراعظم ملڪ جي بندرگاهن جي صلاحيت ۾ بهتري جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻ ۽ مختلف ورڪنگ گروپس ٺاهڻ جي هدايت ڪئي. ورڪنگ گروپس بندرگاهن جي سگهه بهتر بڻائڻ، لاڳاپيل کاتن جي وچ ۾ هم آهنگي کي فروغ ڏيڻ، ريگيوليٽري فريم ورڪ جي تعميل، آمد کان اڳ ڪليئرنس عالمي واپار ۾ ننڍن ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن جي شمُوليت سان لاڳاپيل هوندا. وزيراعظم روانگي ۽ آمدني واپارين جي لاءِ بندرگاهن تي سامان جي پهچ، ڪليئرنس ۽ ٻين معاملن کي آسان بڻائڻ ۽ وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ جي به هدايت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته جاري سڌارن تحت، پورٽ چارجز ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ بندرگاهن جي استعمال ۾ نمايان بهتري آئي آهي، جهازن جي آمد کان اڳ گڊز ڊيڪليريشن جمع ڪرائڻ جي سهولت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. اجلاس ۾ قومي خوراڪ جي تحفظ واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين، واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، اقتصادي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، ناڻي ۽ روينيو واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب، سامُونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري، وزيراعظم جي صنعتن واري صلاحڪار هارون اختر، ناڻي ۽ ريلوي واري مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.