نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن: وزيراعظم محمد شهباز شريف

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن، حڪومت نوجوانن کي جديد تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم يوٿ …

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن، حڪومت نوجوانن کي جديد تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪرڻ لاءِ هر ممڪن وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب، هن اهڙن خيالن جو اظهار وزيراعظم يوٿ پروگرام جي چيئرمين راڻا مشهود احمد خان سان ڳالهائيندي ڪيو. راڻا مشهود احمد خان وزيراعظم کي وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري قدمن، منصوبن ۽ مستقبل جي لائحه عمل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. وزيراعظم نوجوانن کي جديد تعليم ۽ تربيت ۽ مارڪيٽ جي ضرورتن سان گم آهنگ هنر فراهم ڪرڻ، ڊجيٽل معيشت ۾ انهن لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ، روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا وڌائڻ سميت وزيراعظم يوٿ پروگرام جي مختلف منصوبن تي اڳڀرائي جو جائزو ورتو. مُلاقات ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت  جاري تعليمي، هنرمندي، ڊجيٽل ۽ فلاحي پروگرامن جي دائري کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ انهن جي موثر ۽ شفاف طريقي سان لاڳو ڪرڻ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. وزيراعظم چيو ته نوجوان اسان جو سڀ کان قيمتي اثاثو ۽ پاڪستان جي روشن مستقبل جي ضمانت آهن، حڪومت نوجوانن کي جديد تعليم، هنر، روزگار ۽ ڪاروبار جا موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ سمُورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي آهي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته وزيراعظم يوٿ پروگرام تحت جاري منصوبن کي وڌيڪ موثر، لاڀائتو ۽ نوجوانن جي حقيقي ضرورتن سان هم آهنگ بڻايو وڃي، جڏهن ته ترجيحي منصوبن تي عملدرآمد جي رفتار وڌيڪ تيز ڪئي وڃي.