اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد تي ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، وقتي صدر آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ دليري کي …
وقتي صدر پاران اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد تي ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

مزید خبریں
اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني اتر وزيرستان ۾ پاڪ-افغان سرحد تي ڀارتي حمايت يافته فتنه الخوارج جي دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي. خميس ڏينهن ايوان صدر جي پريس ونگ موجب، وقتي صدر آپريشن دوران فتنه الخوارج جي 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيت ۽ دليري کي ساراهيو. سيد يوسف رضا گيلاني چيو ته ڀارت جي حمايت يافته دهشتگردن کي ڪڏهن به مُلڪ جي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي سفر ۾ رڪاوٽ نه بڻجڻ جي اجازت ڏني ويندي. وقتي صدر چيو ته دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جون ڪوششون جاري رهنديون.











