وزيراعظم پاران اتر وزيرستان جي ويجهو پاڪ-افغان سرحد تي 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي ويجهو پاڪ-افغان سرحد تي فتنه الھندستان سان تعلق رکندڙ خوارج جي دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ ۽ 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز …

اسلام آباد- 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف اتر وزيرستان جي ويجهو پاڪ-افغان سرحد تي فتنه الھندستان سان تعلق رکندڙ خوارج جي دراندازي جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ ۽ 15 دهشتگردن کي جهنم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي آفيسرن ۽ جوانن کي شاندار خراج تحسين پيش ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران خميس ڏينهن جاري ڪيل بيان موجب وزيراعظم چيو ته پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز انتهائي پيشيوراڻين صلاحيتن، صبر ۽ جرئت جو مظاهرو ڪندي فتنه الخوارج جي دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائي ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته مُلڪ مان دهشتگردي جي لعنت جي پاڙ کان پٽي ختم ڪرڻ تائين سيڪيورٽي فورسز جي دهشتگردي جي خاتمي واري "عزم استحڪام” مهم پوري طاقت ۽ عزم سان جاري رهندي. پُوري قوم کي پنهنجي بهادر هٿياربند فوج تي فخر آهي جيڪا ملڪ جي سرحدن جي دفاع ۽ مُلڪ جي سلامتي لاءِ وڙهي رهي آهي.