بشڪيڪ - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف جي دعوت تي 2 سيپٽمبر تي ڪرغزستان جو سرڪاري دورو ڪيو، دوري دوران ڪرغز جمهوريه جي صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ڪرغز – پاڪستان لاڳاپن جي سمورن رخن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي ايجنڊا جي اهم معاملن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس …
ڪرغز – پاڪستان حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ، ٻنهي اڳواڻن علائقائي ۽ عالمي ايجنڊا جي اهم معاملن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي: وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪرغزستان جي دوري تي جاري ڪيل گڏيل پڌرنامو

مزید خبریں
بشڪيڪ – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف جي دعوت تي 2 سيپٽمبر تي ڪرغزستان جو سرڪاري دورو ڪيو، دوري دوران ڪرغز جمهوريه جي صدر ۽ وزيراعظم جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن ۾ ٻنهي اڳواڻن ڪرغز – پاڪستان لاڳاپن جي سمورن رخن سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي ايجنڊا جي اهم معاملن تي جامع خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب اربع ڏينهن هتي جاري ڪيل گڏيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته ڳالهه ٻولهه روايتي دوستاڻي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي جيڪا ڪرغزستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اعلى سطح جي سياسي مفاهمت ۽ گڏيل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿي. ٻنهي اڳواڻن گڏيل احترام، خودمختيار برابري، علائقائي سالميت، اندروني معاملن ۾ عدم مداخلت ۽ گڏيل مفاد جي اصولن تي ٻڌل ٻطرفي لاڳاپن ۾ مسلسل مثبت اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪندي ڪرغز – پاڪستان حصيداري کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اڳواڻن چيو ته پاڪستان جي وزيراعظم جو سرڪاري دورو اعلى سطحي فعال سياسي ڳالهه ٻولهه جو منطقي تسلسل آهي جيڪو ڪرغز جمهوريه جي صدر صادر زاپاروف جي 3 کان 4 سيپٽمبر 2025ع تائين پاڪستان جي سرڪاري دوري ۽ صدر آصف علي زرداري جي 6 کان 9 جولاءِ 2026ع تائين ڪرغزستان جي سرڪاري دوري دوران جاري رهيو. ٻنهي ڌرين طئي ٿيندڙ معاهدن تي مستقل عملدرآمد جي عزم جو ورجاءُ ڪندي واپار ۽ اقتصاديات، سيڙپڪاري، چرپر ۽ لاجسٽڪس، توانائي ۽ انساني بنيادن تي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏئي ٻطرفي تعاون کي عملي طور تي هڪ نئين ۽ معياري سطح تائين وٺي وڃڻ جي پختي عزم جو اظهار ڪيو. هنن 2027 – 2026ع جي لاءِ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزارت ۽ پاڪستان جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ تعاون جي پروگرام تي صحيحن جي آجيان ڪئي ۽ قرار ڏنو ته اهو ٻنهي ملڪن جي پرڏيهي وزارتن جي وچ ۾ سياسي ڳالهه ٻولهه ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو. هنن ان ڳالهه جي توثيق ڪئي ته واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪاري جي تعاون کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ڪرغزستان – پاڪستان حصيداري جي اهم ترجيحن ۾ شامل آهي. ان سلسلي ۾ هنن ٻنهي ملڪن جي حڪومتن کي هدايت ڪئي ته اعلى سطح جي دورن جي دوران طئي ٿيندڙ معاهدن تي مستقل عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي، واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت ڪرغز – پاڪستان بين الحڪومتي ڪميشن جي عملي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻايو وڃي ۽ ٻنهي ملڪن جي سرڪاري ادارن، لاڳاپيل تنظيمن، مالياتي ادارن ۽ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ موثر رابطا يقيني بڻايا وڃن. گڏيل پڌرنامي موجب اڳواڻن اقتصادي حصيداري کي هڪ نئين مرحلي ۾ منتقل ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جنهن جو مقصد گڏيل واپار جي ماپي ۾ اضافي، سيڙپڪاري تعاون ۾ توسيع، صنعتي تعاون جو فروغ، گڏيل منصوبن جو قيام ۽ معيشت جي ترجيحي شعبن ۾ گڏيل مفاد جي منصوبن تي عملدرآمد آهي. ٻنهي ڌرين کاڻين جي کوٽائي ۽ معدنيات جي پراسيسنگ، زراعت، خوراڪ، ٽيڪسٽائيل ۽ هلڪي صنعت، دواسازي، حلال صنعت ۽ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ صنعتي ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو جڏهن ته گڏيل منصوبن جي قيام، مقامي سطح تي پيداوار، ٽيڪنالاجي جي ڏي وٺ ۽ گڏيل مفاد جي سيڙپڪاري منصوبن تي خصوصي ڌيان ڏيڻ تي زور ڏنو. هنن لاڳاپيل سرڪاري عملدارن کي جامع ايڪشن پلان تيار ڪرڻ ۽ ان تي عملدرآمد جي هدايت ڪئي جنهن جو مقصد مرحليوار ٻطرفي واپار جي ماپي کي 200 ملين ڊالر تائين وڌائڻ، گڏيل واپار جي طريقيڪار کي بهتر بڻائڻ، گڏيل سيڙپڪاري منصوبن جي حمايت، صنعتي تعاون کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري سرگرمين کي سگهه ڏيڻ آهي. ڌرين ٻنهي ملڪن جي ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ سڌوسنئون رابطن جي فروغ ۾ ڪرغز – پاڪستان گڏيل بزنس ڪائونسل جي اهم ڪردار تي زور ڏيندي ٻطرفي واپار، سيڙپڪاري ۽ صنعتي منصوبن جي فروغ جي لاءِ ان جي سرگرمين ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن ڪرغز جمهوريه جي چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري ۽ فيڊريشن آف پاڪستان چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جي وچ ۾ تعاون جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي. هنن عالمي سيڙپڪاري، جديد مالياتي ٽيڪنالاجيز، جدت ۽ عالمي ڪاروبار کي راغب ڪرڻ جي لاءِ ڪرغز جمهوريه ۾ تمچي اسپيشل فنانشل انويسٽمينٽ ٽيريٽري جي قيام جي آجيان ڪئي. هنن تمچي اسپيشل فنانشل انويسٽمينٽ ٽيريٽري ۽ پاڪستان جي مالياتي ادارن، سيڙپڪاري فنڊز، بئنڪن ۽ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو جنهن ۾ گڏيل سيڙپڪاري منصوبن، مالياتي ذريعن ۽ ڊيجيٽل حل جي ترقي پڻ شامل آهي. ڌرين تمچي اسپيشل فنانشل انويسٽمينٽ ٽيريٽري پاران فراهم ڪيل موقعن مان عملي فائدو کڻڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل تنظيمن ۽ ڪاروباري برادرين جي وچ ۾ سڌوسنئون رابطي جي قيام جي حمايت ڪئي. هنن زور ڏنو ته ڪرغزستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ سڌوسنئون اقتصادي رابطا، بشمول واپار، سيڙپڪاري، صنعتي تعاون، مالياتي تعاون ۽ چرپر ۽ لاجسٽڪس جي رابطن ۾ توسيع، ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ اقتصادي رابطن کي مضبوط بڻائڻ ۾ عملي ڪردار ادا ڪندا. اڳواڻن ڪرغز جمهوريه جي صدر جي ماتحت نيشنل ايجنسي فار ورچوئل ايسٽس اينڊ بلاڪ چين ٽيڪنالاجيز ۽ پاڪستان ورچوئل ايسٽس ريگيوليٽري اٿارٽي جي وچ ۾ ورچوئل اثاثن جي شعبي ۾ تعاون جي يادداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي. هنن چيو ته اهي دستاويز ٻطرفي اقتصادي حصيداري کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي هڪ نئين مرحلي جي علامت آهي. ڌرين انهن دستاويزن جي اسٽريٽجڪ اهميت کي اجاگر ڪيو جيڪي مالياتي منڊين جي انضمام، محفوظ ۽ شفاف ڊيجيٽل اثاثاجاتي نظام جي قيام، سرحد پار سيڙپڪاري جي فروغ ۽ عالمي ڊيجيٽلائيزيشن جي دور ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽيڪنيڪي جدت طرازي جي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪن ٿا. گڏيل پڌرنامي موجب هنن ڪرغز جمهوريه ۽ پاڪستان جي وچ ۾ چرپر ۽ ٽرانزٽ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت جو اظهار ڪيو ۽ قابل اعتماد ۽ اقتصادي طور تي موثر ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس رستن جي ترقي، گڏيل مال برداري جي ماپي ۾ اضافي ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سامان جي پائيدار پهچ جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ ۾ دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو. اڳواڻن ڪرغز جمهوريه جي ڪابينا ۽ پاڪستان جي حڪومت جي وچ ۾ ٽرانزٽ واپار جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي ۽ زور ڏنو ته اهي اسٽريٽجڪ دستاويز علائقائي انضمام جي فروغ، گڏيل واپار جي ماپي ۾ نمايان اضافي ۽ لاجسٽڪس رستن کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ نيون راهون کولين ٿا جنهن سان ٻئي ملڪ ڏکڻ ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ اهم ٽرانسپورٽ مرڪز بڻجي سگهن ٿا. ٻنهي اڳواڻن ٽرانزٽ ٽريفڪ بابت موجوده چار ملڪي معاهدي تي موثر عملدرآمد جي اهميت جو ورجاءُ ڪندي معاهدي تحت مقرر ڪيل ٽرانسپورٽ روٽ جي پائيدار آپريشن کي يقيني بڻائڻ، لاڳاپيل ٽرانسپورٽ، ڪسٽمز ۽ انتظامي طريقيڪار کي آسان بڻائڻ ۽ مال برداري ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ڪرغزستان جي ٻاهرئين واپار ۽ ٽرانزٽ جي موقعن کي سگهه ڏيڻ، چرپر کي فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس جي رستن کي متنوع بڻائڻ جي لاءِ پاڪستان جي سامونڊي بندرگاهن جي صلاحيت مان وڌيڪ فائدو کڻڻ ۾ دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو. ٻنهي اڳواڻن لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته مال بردار گاڏين جي لاءِ سازگار حالتون پيدا ڪرڻ جي لاءِ عملي ڪم جاري رکيو وڃي ته جيئن گڏيل مال برداري جي ماپي ۾ اضافو ٿئي. ڌرين “ڪرغز پوسٽ” ۽ پاڪستان پوسٽ جي وچ ۾ ڊاڪ خدمتن ۽ اي ڪامرس جي شعبي ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون جي ارادي جي ٻطرفي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي ۽ سڌوسنئون اقتصادي رابطن جي فروغ جي لاءِ جديد پهچ ذريعن ۽ اي ڪامرس جي ترقي جي اهميت کي اجاگر ڪيو. هنن توانائي جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوششن ۾ گڏيل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. ان سلسلي ۾ ٻنهي ڌرين ڪاسا – 1000 منصوبي تي وقت سر عملدرآمد جي اهميت جو ورجاءُ ڪيو. هنن توانائي جي شعبي ۾ گڏيل ورڪنگ گروپ جي قيام تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان کي هدايت ڪئي ته بجلي، پن بجلي، قابل تجديد توانائي جي ذريعن، توانائي جي بنيادي ڍانچي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي شعبن ۾ تعاون جي لاءِ ٺوس تجويزون تيار ڪيون وڃن جن کي بعد ۾ واپار، اقتصادي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون بابت ڪرغز – پاڪستان بين الحڪومتي ڪميشن جي فريم ورڪ ۾ غور هيٺ آندو وڃي. ٻنهي ملڪن ثقافت، تعليم، سائنس ۽ جدت طرازي جي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي نمايان صلاحيت جو ورجاءُ ڪيو ۽ تعليمي ۽ ثقافتي مٽاسٽا کي سگهه ڏيڻ، اعلى تعليمي ادارن، ثقافتي ادارن ۽ تحقيقي مرڪزن جي وچ ۾ حصيداري مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل ثقافتي ۽ انساني، تعليمي ۽ سائنسي منصوبن تي عملدرآمد ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ڌرين طبي تعليم جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن ۽ پيشيواراڻي ريگيوليٽري ادارن جي وچ ۾ رابطن جي اهميت تي زور ڏنو ته جيئن طبي تربيت جي اعلى معيار کي يقيني بڻائي سگهجي. هنن ڪرغز جمهوريه جي سائنس واري وزارت ۽ پاڪستان جي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي وچ ۾ سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي تعاون جي معاهدي، ڪرغزستان جي تعليم واري وزارت ۽ پاڪستان جي وفاقي تعليم ۽ پيشيواراڻي تربيت واري وزارت جي وچ ۾ تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي يادداشت، ڪرغزستان جي صحت واري وزارت ۽ پاڪستان جي پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل جي وچ ۾ طبي تعليم جي شعبي ۾ تعاون جي يادداشت، پاڪستان جي نيشنل ڊفينس يونيورسٽي ۽ ڪرغزستان جي صدر جي ماتحت نيشنل انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ انيشي ايٽو جي وچ ۾ علمي تحقيق ۽ گڏيل سرگرمين جي شعبي ۾ مفاهمت جي يادداشت ۽ انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز اسلام آباد ۽ ڪرغزستان جي صدر جي ماتحت نيشنل انسٽيٽيوٽ فار اسٽريٽجڪ اسٽڊيز جي وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي ۽ انهن دستاويزن جي خصوصي اهميت تي زور ڏنو. ڌرين قرار ڏنو ته اهي معاهدا سائنسي ۽ تعليمي تعاون جي لاءِ مضبوط قانوني ۽ اداراجاتي بنياد فراهم ڪن ٿا، تعليمي چرپر کي آسان بڻائين ٿا، اعلى تربيت يافته ماهرن جي تياري جي لاءِ نوان موقعا پيدا ڪن ٿا ۽ ماهرن جي سطح تي رابطن کي گهرو ڪن ٿا جيڪي گڏيل خيرسگالي ۽ عوامي سطح تي رابطن جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندا. ڌرين سياحت جي شعبي ۾ تعاون جي نمايان امڪانن تي زور ڏيندي گڏيل سياحتي اچ وڃ ۾ اضافي، سياحتي آپريٽرز جي وچ ۾ سڌوسنئون رابطي جي فروغ ۽ ٻنهي ملڪن جي سياحتي امڪانن کي اجاگر ڪرڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن سياحت بابت ڪرغز – پاڪستان گڏيل ورڪنگ گروپ قائم ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان کي هدايت ڪئي ته گڏيل طور تي سياحتي مصنوعات جي فروغ، تجربن جي مٽاسٽا ۽ ٻنهي ملڪن جي سياحتي صنعتن جي نمائندن جي وچ ۾ رابطن سميت تعاون جي مخصوص شعبن جي نشاندهي ڪري. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن دهشتگردي، انتهاپسندي، عالمي منظم ڏوهن، منشيات، نفسياتي اثر رکندڙ مادن ۽ انهن جي ڪيميائي جزن جي غيرقانوني اسمگلنگ، انساني اسمگلنگ، غيرقانوني هجرت، سائبر ڏوهن ۽ ٻين موجوده دور جي چئلينجز ۽ خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل عملدارن جي وچ ۾ تعاون وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڌرين ڪرغزستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ حوالگي جي معاهدي، فوجداري معاملن ۾ گڏيل قانوني معاونت جي معاهدي جيئن ڪرغز جمهوريه جي گهرو وزارت ۽ پاڪستان جي گهرو معاملن ۽ منشيات جي خاتمي واري وزارت جي وچ ۾ منشيات، نفسياتي اثر رکندڙ مادن، نئين نفسياتي اثر رکندڙ مادن، انهن جي ڪيميائي جزن ۽ لاڳاپيل معاملن جي غيرقانوني اسمگلنگ جي خلاف تعاون جي يادداشت تي صحيحن جي آجيان ڪئي. اڳواڻن انهن دستاويزن جي مجموعي کي ڄاڻايل شعبن ۾ تعاون مضبوط بڻائڻ جي لاءِ بنيادي اهميت رکندڙ قرار ڏنو. هنن چيو ته اهي معاهدا عالمي ڏوهن جي موثر خاتمي جي لاءِ مضبوط عالمي قانوني بنياد فراهم ڪن ٿا، ٻنهي ملڪن جي سرزمين تي شهرين جي حقن ۽ جائز مفادن جي تحفظ جي موقعن کي سگهه ڏين ٿا ۽ ڪرغزستان ۽ پاڪستان جي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي وچ ۾ اداراجاتي تعاون کي نئين سطح تائين وٺي وڃن ٿا. هنن دفاع جي شعبي ۾ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي لاڳاپيل ادارن جي وچ ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ ۾ دلچسپي جو ورجاءُ ڪيو. اڳواڻن ثقافتي ۽ انساني، بين العلائقائي ۽ بين البلدياتي رابطن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏيندي انهن کي ڪرغزستان ۽ پاڪستان جي عوام جي وچ ۾ دوستي ۽ گڏيل مفاهمت کي مضبوط بڻائڻ جو اهم عنصر قرار ڏنو. ان سلسلي ۾ ڌرين ڪرغز جمهوريه جي شهر اوش ۽ پاڪستان جي شهر لاهور جي وچ ۾ سسٽر سٽي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي معاهدي تي صحيحن جي آجيان ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغز جمهوريه کي ڇهين نوميڊ گيمز جي ميزباني تي مبارڪباد ڏني ۽ انهن راندين جي عالمي ثقافتي ۽ انساني تعاون جي فروغ، تاريخي ۽ ثقافتي ورثي جي تحفظ ۽ تهذيبن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه جي فروغ ۾ منفرد ڪردار کي ساراهيو. ڪرغزستان پاڪستاني راندين جي وفد جي شرڪت کي ڀرپور انداز ۾ ساراهيو. اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي معاملن تي گڏيل قومن، شنگهائي تعاون تنظيم، اسلامي تعاون تنظيم، اقتصادي تعاون تنظيم ۽ ٻين عالمي ۽ علائقائي تنظيمن جي اندر وڌيڪ رابطن ۽ تعاون جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان 2026 – 2025ع ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ڪامياب صدارت ۽ تنظيم جي 25هين سالگرهه جي موقعي تي بشڪيڪ ۾ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس جي ڪامياب انعقاد کي ساراهيو ۽ تنظيم ۾ وڌيڪ ويجهي تعاون جي لاءِ راضپي جو ورجاءُ ڪيو. ڪرغزستان 2027 – 2026ع جي لاءِ شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اقتصادي تعاون تنظيم جي صدارت جي لاءِ پاڪستان جي حمايت جو اظهار ڪيو ۽ علائقائي استحڪام، رابطن ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ قدمن کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششن ۾ ٺوس رابطي جي لاءِ راضپي جو ورجاءُ ڪيو. وزيراعظم ڪرغزستان کي 2028 – 2027ع جي لاءِ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جو غيرمستقل ميمبر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏيندي عالمي امن، سلامتي ۽ پائيدار ترقي جي فروغ جي لاءِ گڏيل قومن ۾ ويجهي رابطي ۽ تعاون جي لاءِ راضپي جو ورجاءُ ڪيو. ڪرغزستان جي صدر گڏيل قومن ۾ ڪرغزستان جي حمايت تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا. هن 2026 – 2025ع دوران گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي غيرمستقل ميمبر جي حيثيت سان پاڪستان جي عالمي امن ۽ سلامتي جي لاءِ خدمتن کي پڻ ساراهيو. ڌرين ڪرغز جمهوريه جي سلامتي ڪائونسل جي ميمبرشپ جي مدي دوران علائقائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي بابت معاملن تي ويجهو تعاون جاري رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. ڪرغزستان وچ اوڀر ۾ امن، استحڪام ۽ ڳالهه ٻولهه کي يقيني بڻائڻ جي عالمي ڪوششن ۾ ڪردار ادا ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ڪرغزستان جي صدر پاڪستان جي قيادت خاص طور تي وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ثالثي جي ڪوششن جي آجيان ڪئي جنهن جي نتيجي ۾ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت تي صحيحون ممڪن ٿيون. ڌرين قرار ڏنو ته خطي ۾ استحڪام ۽ پائيدار اقتصادي ترقي ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ واپار، چرپر، توانائي جي تعاون ۽ رابطي جي فروغ جي لاءِ انتهائي اهم آهي. خطي ۽ ان کان ٻاهر ٿيندڙ دهشتگرد حملن جي مذمت ڪندي اڳواڻن ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته خطي ۾ امن ۽ استحڪام ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ لازمي آهن. هنن دهشتگردي جي سمورين شڪلين جي خلاف گڏيل قومن، شنگهائي تعاون تنظيم ۽ اسلامي تعاون تنظيم سميت سمورن فورمز تي گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. هنن افغانستان ۾ استحڪام ۽ سلامتي کي ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ بنا رڪاوٽ رابطي جي ويزن کي عملي جامعو پارائڻ جي لاءِ اهم شرط قرار ڏنو. ان سلسلي ۾ ٻنهي اڳواڻن هڪ ڀيرو ٻيهر ان ڳالهه تي زور ڏنو ته افغانستان جي سرزمين کي ٻين ملڪن جي سلامتي جي لاءِ خطرو بڻجندڙ سرگرمين جي لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي، جهڙوڪ ان جي عالمي ذميوارين جي گهرج آهي. هنن اتفاق ڪيو ته ڏکڻ ايشيا ۽ وچ ايشيا جي وچ ۾ تعاون ۽ رابطن جي وسيع صلاحيت کي استعمال ۾ آڻڻ جي لاءِ محفوظ ۽ سازگار ماحول ضروري آهي. ٻنهي اڳواڻن سمورن التوا هيٺ تڪرارن ۽ اختلافن کي هڪطرفي طرزعمل اختيار ڪرڻ بدران عالمي قانون ۽ گڏيل قومن جي منشور جي اصولن ۽ مقصدن موجب پرامن ذريعن سان فوري ۽ پرامن طور تي حل ڪرڻ تي زور ڏنو. پاڪستان عالمي سطح تي جابلو علائقن بابت ايجنڊا، جابلو خطن جي پائيدار ترقي ۽ موسمياتي تبديلي سان هڪ جهڙائي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪرغزستان جي عالمي قدمن جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو جن ۾ 2027ع ۾ ٻي عالمي مائونٽين سمٽ “بشڪيڪ + 25” جو انعقاد به شامل آهي ۽ ان جي ڪم ۾ فعال شرڪت جي لاءِ راضپي جو اظهار ڪيو. هنن ڪرغزستان جي قدرتي وسيلن واري وزارت، ماحوليات ۽ ٽيڪنيڪي نگراني ۽ پاڪستان جي موسمياتي تبديلي ۽ ماحولياتي رابطن واري وزارت جي وچ ۾ ماحوليات ۽ موسمياتي تبديلي جي شعبي ۾ تعاون جي مفاهمتي يادداشت جي آجيان ڪئي. گڏيل پڌرنامي موجب ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جو سرڪاري دورو ڪرغزستان – پاڪستان تعاون ۾ هڪ نئين باب جي شروعات ڪري ٿو جنهن جو بنياد طئي ٿيندڙ معاهدن تي مستقل عملدرآمد، واپار، اقتصاديات ۽ سيڙپڪاري جي تعاون ۾ وڌيڪ توسيع، ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس تعاون کي مضبوط بڻائڻ ۽ گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل حصيداري جي فروغ تي هوندو. اڳواڻن ڊسمبر 2025ع ۾ ڪرغزستان جي صدر صادر زاپاروف جي پاڪستان جي سرڪاري دوري، جولاءِ 2026ع ۾ صدر آصف علي زرداري جي ڪرغزستان جي سرڪاري دوري ۽ وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ڪرغزستان جي سرڪاري دوري دوران طئي ٿيندڙ معاهدن تي عملي عملدرآمد جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هنن انهن سمورن دورن کي ٻطرفي تعاون جي وڌيڪ ترقي جي لاءِ هڪ مسلسل ۽ ٺوس بنياد قرار ڏنو. ٻنهي اڳواڻن خصوصي طور تي ان ڳالهه جو ذڪر ڪيو ته سيڙپڪاري تعاون ۾ توسيع، صنعتي تعاون جي ترقي ۽ ٽرانسپورٽ ۽ لاجسٽڪس تعاون ۾ بهتري ڪرغز جمهوريه ۽ پاڪستان جي عوام جي ڊگهي مدي واري مفان سان هم آهنگ آهي ۽ ٻطرفي لاڳاپن جي وڌيڪ معياري ترقي جي لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿي. وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪرغزستان جي عوام، صدر صادر زاپاروف ۽ حڪومت جا پاڪستاني وفد جي لاءِ گرمجوش مهمان نوازي ۽ سرڪاري دوري جي اعلى سطح جي انتظامن تي دلي ٿورا ادا ڪيا ۽ ڪرغزستان جي صدر کي پنهنجي سهولت موجب پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ڪرغزستان جي صدر دعوت قبول ڪري ورتي، دوري جي تاريخ سفارتي ذريعن سان گڏيل مشاورت جي ذريعي طئي ڪئي ويندي.











