ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي ڊوئچي بئنڪ جي علائقائي چيف ايگزيڪيٽو سان ملاقات

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊوئچي بئنڪ جي وچ اوڀر ۽ آفريقا جي علائقائي چيف ايگزيڪيٽو جمال الڪيشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊوئچي بئنڪ جو پاڪستان لاءِ ڪنٽري مينيجر علي حيدر زيدي به موجود هو. ملاقات دوران پاڪستان جي معاشي منظرنامي، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ ڊوئچي بئنڪ طرفان پاڪستان سان وڌيڪ گهري تعاون جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب ڊوئچي بئنڪ جي وچ اوڀر ۽ آفريقا جي علائقائي چيف ايگزيڪيٽو جمال الڪيشي سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ ڊوئچي بئنڪ جو پاڪستان لاءِ ڪنٽري مينيجر علي حيدر زيدي به موجود هو. ملاقات دوران پاڪستان جي معاشي منظرنامي، سيڙپڪاري جي موقعن ۽ ڊوئچي بئنڪ طرفان پاڪستان سان وڌيڪ گهري تعاون جي امڪانن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ناڻي واري وزير کيس پاڪستان جي تازي معاشي اڳڀرائي ۽ ساختي سڌارن کي اداره جاتي شڪل ڏيڻ ۽ روانگي واپار تي ٻڌل پائيدار معاشي ترقي جي راهه هموار ڪرڻ لاءِ حڪومت جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن مالياتي صورتحال، پرڏيهي کاتن ۽ مجموعي معاشي استحڪام ۾ بهتري کي اجاگر ڪندي چيو ته عالمي ريٽنگ ايجنسين ۽ حصيدارن طرفان مثبت توثيق به اهم اڳڀرائي آهي. هن چيو ته پاڪستان جي ڪريڊٽ پروفائل ۾ بهتري هڪ اهم سنگ ميل آهي ۽ حڪومت عالمي مارڪيٽن ۾ ملڪ جي پوزيشن وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي. جمال الڪيشي گذريل ٻن سالن دوران پاڪستان جي حاصل ڪيل معاشي اڳڀرائي، خاص ڪري مالياتي استحڪام، ادائيگين جي توازن، روانگي واپار ۽ پرڏيهي ناڻي ۾ بهتري تي ناڻي واري وزير ۽ سندس ٽيم کي مبارڪون ڏنيون. هن ان اڳڀرائي کي ساراهيندي اعتماد جو اظهار ڪيو ته هي قدم پاڪستان جي پائيدار ۽ مضبوط معاشي ترقي لاءِ ٺوس بنياد فراهم ڪري رهيا آهن. پرڏيهي فنانسنگ جي حوالي سان سينيٽر محمد اورنگزيب پاڪستان جي وچولي مدي جي حڪمت عملي تي روشني وجهندي چيو ته حڪومت پرڏيهي قرضن جي ساخت کي بهتر بڻائڻ سان گڏوگڏ عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽن ۾ عالمي مالياتي ادارن سان رابطا وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته جاري سڌارن جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل مالياتي گنجائش مان فائدو کڻندي پرڏيهي فنانسنگ جي متنوع ذريعن تائين پهچ کي سگهه ڏيڻ ضروري آهي. ناڻي واري وزير عالمي ۽ علائقائي، خاص ڪري سعودي عرب ۾ قائم ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ جي وسيع موقعن کي به اجاگر ڪيو. هن چيو ته بنيادي ڍانچي، توانائي، تيل ۽ گئس، يوٽيليٽيز، کاڻين، معدنيات، ٽيڪنالاجي، بلاڪ چين ۽ ٻين پيداواري شعبن ۾ سيڙپڪاري جا نمايان امڪان موجود آهن. هن نجي شعبي جي شموليت وڌائڻ ۽ پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا موقعا ڳوليندڙ سعودي ملٽي نيشنل ڪمپنين لاءِ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي اهميت تي زور ڀريو. جمال الڪيشي پاڪستان لاءِ ڊوئچي بئنڪ جي ڊگهي مدي واري عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو ته بئنڪ ڪارپوريٽ بئنڪنگ ۽ انويسٽمنٽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ پنهنجي شين ۽ خدمتن جو دائرو وسيع ڪرڻ ۾ دلچسپي رکي ٿو. هن چيو ته بئنڪ پاڪستان ۾ پنهنجي سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي امڪانن جو جائزو وٺي رهيو آهي. هن وچ اوڀر ۽ اتر آفريقا (MENA) جي خطي خاص ڪري سعودي عرب جي ڪمپنين سان پاڪستان جا رابطا وڌائڻ ۽ مختلف اهم شعبن ۾ سيڙپڪاري ۽ فنانسنگ جا موقعا ڳولڻ ۾ تعاون جي خواهش به ظاهر ڪئي. ناڻي واري وزير پاڪستان سان ڊوئچي بئنڪ جي مسلسل تعاون جي آجيان ڪندي ان جي حمايت کي ساراهيو. هن چيو ته سيڙپڪاري کي متحرڪ ڪرڻ، مالياتي مارڪيٽن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ نجي شعبي جي حصيدارن سان مسلسل تعاون نهايت اهم آهي.