ڊجيٽل ميڊيا بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فهد هارون سان ڪوريا جي سفير جي ملاقات

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊجيٽل ميڊيا بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فهد هارون سان جمهوريه ڪوريا جي نئين مقرر ٿيل سفير هان سنگ هو سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. فهد هارون پاڪستان ۾ سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي هان سنگ هو جو شاندار استقبال ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سفير جو سفارتي مُدو پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ڊجيٽل ميڊيا بابت وزيراعظم جي خاص مددگار فهد هارون سان جمهوريه ڪوريا جي نئين مقرر ٿيل سفير هان سنگ هو سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي. فهد هارون پاڪستان ۾ سفارتي ذميواريون سنڀالڻ تي هان سنگ هو جو شاندار استقبال ڪيو ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته سفير جو سفارتي مُدو پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ پراڻي ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اربع ڏينهن جاري بيان موجب ملاقات دوران ٻنهي طرفن کان ميڊيا ۽ ڊجيٽل ميڊيا جي شعبن ۾ ٿيل اڳڀرائي، عالمي ميڊيا جي بدلجندڙ رجحانن، ميڊيا جي جديد ذريعن کي درپيش چئلينجز ۽ عوامي رابطا ۽ ميڊيا ۾ ڊجيٽل پليٽ فارمز جي وڌندڙ ڪردار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سفير هانگ سنگ هو ڊجيٽل ميڊيا ۽ مواصلات جي شعبن ۾ پاڪستان جي قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا وچ ۾ ڊجيٽل ميڊيا، ٽيڪنالاجي ۽ جديد مواصلات جي شعبن ۾ تجربن، معلومات ۽ مهارت جي مٽاسٽا جا وڌيڪ موقعا ڳولڻ ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو.