اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف عالمي شهرت يافته مصري قاري سڳورن جي پاڪستان آمد تي کين ڀليڪار چوندي چيو آهي ته پاڪستان قرآن ڪريم، قاري سڳورن ۽ خدام قرآن سان گهري محبت ۽ عقيدت رکي ٿو. اربع ڏينهن مصر کان پاڪستان پهچندڙ قاري سڳورن ۾ قاري ايوب عاصف، قاري طحه نعماني، قاري ابراهيم عاصف، قاري …
وفاقي وزير سردار محمد يوسف پاران عالمي شهرت يافته مصري قاري سڳورن جي پاڪستان آمد تي آجيان

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) مذهبي معاملن ۽ بين المذاهب هم آهنگي واري وفاقي وزير سردار محمد يوسف عالمي شهرت يافته مصري قاري سڳورن جي پاڪستان آمد تي کين ڀليڪار چوندي چيو آهي ته پاڪستان قرآن ڪريم، قاري سڳورن ۽ خدام قرآن سان گهري محبت ۽ عقيدت رکي ٿو. اربع ڏينهن مصر کان پاڪستان پهچندڙ قاري سڳورن ۾ قاري ايوب عاصف، قاري طحه نعماني، قاري ابراهيم عاصف، قاري ماهر الشناوي ۽ قاري اسماعيل عاصف شامل آهن. وفاقي وزير معزز مهمانن جي پاڪستان آمد تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته اسان پنهنجي معزز مهمانن کي سندن ٻي گهر پاڪستان ۾ دل سان ڀليڪار چئون ٿا. هن چيو ته مصر کان عالمي شهرت يافته قاري سڳورن جي پاڪستان آمد پاڪستان واسين لاءِ خوشي ۽ اعزاز آهي. وفاقي وزير محمد يوسف دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سندن پاڪستان جي دوري کي بابرڪت بڻائي ۽ پاڪستان واسين کي سندن خوبصورت ۽ روح پرور تلاوت قرآن ڪريم مان فائدو کڻڻ جي توفيق عطا فرمائي. هن چيو ته هي عظيم اجتماع قران ڪريم جي پيغام، محبت ۽ اسلامي اخوت کي هٿي ڏيڻ جو ذريعو بڻجندو.











