اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين نيشنل ايگريڪلچرل ريسرچ سينٽر اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي عوامي جمهوريه چين جي زراعت ۽ ٻهراڙي معاملن واري وزارت طرفان پاڪستان کي لمپي اسڪن ڊزيز ۽ بروسيلا ميليٽينسس خلاف وٽرنري ويڪسينز عطيو ڪيون ويون. تقريب ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چين جي حڪومت، زراعت ۽ ٻهراڙي معاملن …
وٽرنري ويڪسينز جو عطيو پاڪستان ۽ چين جي زراعت، لائيو اسٽاڪ، تحقيق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وڌندڙ تعاون جو عملي ثبوت آهي: راڻا تنوير حسين

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير راڻا تنوير حسين نيشنل ايگريڪلچرل ريسرچ سينٽر اسلام آباد ۾ منعقد تقريب ۾ شرڪت ڪئي جتي عوامي جمهوريه چين جي زراعت ۽ ٻهراڙي معاملن واري وزارت طرفان پاڪستان کي لمپي اسڪن ڊزيز ۽ بروسيلا ميليٽينسس خلاف وٽرنري ويڪسينز عطيو ڪيون ويون. تقريب ۾ وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چين جي حڪومت، زراعت ۽ ٻهراڙي معاملن واري وزارت ۽ چيني سفارتخاني جو ان تعاون تي ٿورو مڃيو. هن چيو ته هي عطيو پاڪستان ۽ چين جي آزمايل ۽ پراڻي دوستي، زراعت، لائيو اسٽاڪ، تحقيق، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ وڌندڙ تعاون جو عملي ثبوت آهي. وفاقي وزير پاڪستان جي زرعي معيشت ۽ ٻهراڙي جي آبادي جي معاشي استحڪام ۾ لائيو اسٽاڪ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته خاص ننڍن آبادگارن لاءِ چوپايو مال آمدني ۽ معاشي تحفظ جو اهم ذريعو آهن. هن چيو ته لمپي اسڪن ڊزيز ۽ بروسيلا جهڙيون بيماريون جانورن جي صحت، کير ۽ گوشت جي پيداوار، نسل جي واڌ ويجهه ۽ مجموعي پيداواري صلاحيت کي متاثر ڪري آبادگارن کي نمايان معاشي نقصان پهچائي سگهن ٿيون. هن چيو ته ڪيترين ئي بيمارين کان چوپائي مال جي تحفظ، بيمارين جي پکيڙ ۾ گهٽتائي ۽ پيداواري ۽ معاشي نقصانن کي گهٽ ڪرڻ لاءِ وقت سر ويڪسينيشن موثر ترين حفاظتي قدمن ۾ شامل آهي. وفاقي وزير چيو ته عطيو ڪيل ويڪسينز پاڪستان ۾ جانورن کي بيمارين کان بچاءُ جي قدمن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ لائيو اسٽاڪ تي بيمارين جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وزارت صوبائي لائيو اسٽاڪ کاتي، وٽرنري سروسز ۽ تحقيقي ادارن سان گڏجي جانورن جي صحت جي قدمن تي موثر عملدرآمد لاءِ پنهنجو تعاون جاري رکندي.











