رياض- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل ديمه اليحي ۽ اين سي اي گورنر انجنيئر ماجد المزيد سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي آهي ۽ ڊجيٽل شعبي ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اربع ڏينهن آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي …
آءِ ٽي واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه جي ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل ۽ اين سي اي گورنر سان ڌار ڌار ملاقات

مزید خبریں
رياض- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل ديمه اليحي ۽ اين سي اي گورنر انجنيئر ماجد المزيد سان ڌار ڌار ملاقات ڪئي آهي ۽ ڊجيٽل شعبي ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. اربع ڏينهن آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وزارت مان جاري بيان موجب وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ ڊجيٽل ڪوآپريشن آرگنائيزيشن جي سيڪريٽري جنرل ديمه اليحي وچ ۾ عالمي ٽيڪنالاجي ڪانفرنس ”ليپ 2026ع“ جي سائيڊ لائنز ملاقات ٿي. ملاقات ۾ ڊجيٽل شعبي ۾ گڏيل تعاون کي هٿي ڏيڻ ۽ مضبوط بڻائڻ تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي ۽ اڀرندڙ ٽيڪنالاجيز ۽ ڊجيٽل ٽرانسفارميشن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڊجيٽل معيشت ۾ جدت ۽ ڊي سي او ميمبر ملڪن وچ ۾ تعاون کي سگهه ڏيڻ تي اتفاق ۽ ميمبر ملڪن وچ ۾ فني حصيداري ۽ ڊجيٽل تعاون کي وڌيڪ اڳتي وڌائڻ جو ورجاءُ ڪيو ويو. ان کانسواءِ ان موقعي تي ملاقات دوران وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ۽ اين سي اي گورنر انجينئر ماجد المزيد معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان معاهدي موجب سائبر اسپيس ۽ ٻنهي ملڪن جي اهم مفادن جو تحفظ ٿيندو، اڀرندڙ سائبر خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ مهارت جي مٽاسٽا ٿيندي، سائبر سيڪيورٽي جي شعبي ۾ عالمي سطح تي گڏيل تعاون کي وڌيڪ بهتر بڻايو ويندو.











