ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 11 هزار 300 روپين جي گهٽتائي

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 11 هزار 300 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 54 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت 11هزار 300 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 54 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سڄي ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ 11 هزار 300 روپين جي گهٽتائي سان في تولو سون 4 لک 54 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب اربع ڏينهن سون جي في تولو قيمت 11هزار 300 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ في تولو سون 4 لک 54 هزار 36 روپين جو ٿي ويو. 24 قيراط سون جي 10 گرام جي قيمت به 9 هزار 688 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 3 لک 98 هزار 950 روپين کان گهٽجي 3 لک 89 هزار 262 روپيا ٿي وئي، جڏهن ته 10 گرام 22 قيراط سون جي قيمت 3 لک 65 هزار 717 روپين کان گهٽجي 3 لک 56 هزار 836 روپيا ٿي وئي. جڏهن ته چاندي جو اگهه 270 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 6 هزار 859روپيا ۽ 10 گرام چاندي جو اگهه 231 روپين جي گهٽتائي کانپوءِ 5 هزار 880 روپيا ٿي ويو. ايسوسيئيشن رپورٽ ڪيو آهي ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 4428 ڊالرن کان گهٽجي 4315 ڊالر ٿي ويو آهي.