ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان نيب چيئرمين جي ملاقات

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب نيب چيئرمين پاڪستان حڪومت جي احتساب واري اداري طرفان اٿاريل اهم قدمن کان آگاهه ڪيو. هن مختلف معاملن جي جامع جاچ جي نتيجي ۾ رقم جي وصولي ذريعي قومي ناڻي …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان قومي احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير احمد ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي. اربع ڏينهن ناڻي واري وزارت مان جاري بيان موجب نيب چيئرمين پاڪستان حڪومت جي احتساب واري اداري طرفان اٿاريل اهم قدمن کان آگاهه ڪيو. هن مختلف معاملن جي جامع جاچ جي نتيجي ۾ رقم جي وصولي ذريعي قومي ناڻي ۾ ٿيل مالياتي اضافي ۽ نيب جي مجموعي ڪوششن تي به بريفنگ ڏني. ناڻي واري وزير نيب طرفان ڪيل موثر ۽ واکاڻ جوڳين ڪوششن کي ساراهيو ۽ قومي هدفن کي حاصل ڪرڻ لاءِ ناڻي واري وزارت طرفان ڀرپور تعاون جي خاطري ڪرائي.