رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال جي گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ سولر منصوبي تي تيز رفتاري سان عملدرآمد جي هدايت

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ سولر منصوبي تي تيز رفتاري سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سولر، ٽرانسميشن ۽ رستن جي منصوبن تي هڪ ئي وقت ڪم ڪيو وڃي ته جيئن بجلي جي بحران تي جلد ضابطو آڻي سگهجي. وفاقي وزير اهي هدايتون وزيراعظم طرفان گلگت بلتستان جي …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال گلگت بلتستان ۾ 100 ميگاواٽ سولر منصوبي تي تيز رفتاري سان عملدرآمد يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته سولر، ٽرانسميشن ۽ رستن جي منصوبن تي هڪ ئي وقت ڪم ڪيو وڃي ته جيئن بجلي جي بحران تي جلد ضابطو آڻي سگهجي. وفاقي وزير اهي هدايتون وزيراعظم طرفان گلگت بلتستان جي ترقياتي مسئلن جو جائزو وٺڻ ۽ خطي جي ترقي لاءِ عمل جوڳيون سفارشون جوڙڻ لاءِ جوڙيل ڪميٽي جي ٻي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏنيون. اجلاس ۾ گلگت بلتستان کي درپيش توانائي، مالياتي، سياحت، ريگوليٽري فريم ورڪ، اداره جاتي صلاحيت ۽ ترقياتي منصوبن سميت اهم معاملن تي جوڙيل ڪميٽين جي اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 10.6 ارب روپين جو نلتر پاور پراجيڪٽ مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي جڏهن ته 12.9 ارب روپين جو هنزل پاور پراجيڪٽ به مڪمل ٿيڻ جي آخري مرحلي ۾ آهي، اجلاس ۾ 24.9 ارب روپين جي پي ايس ڊي پي منصوبي گلگت بلتستان جي مختلف هنڌن تي 100 ميگاواٽ ڊسٽري بيوٽڊ سولر فوٽو وولٽڪ (ڊي پي وي) پلانٽس تي به اڳڀرائي جو جائزو ورتو ويو. پروفيسر احسن اقبال منصوبي کي گلگت بلتستان ۾ بجلي جي شديد کوٽ جي خاتمي لاءِ انتهائي اهم ۽ ترجيحي منصوبو قرار ڏيندي ان تي عملدرآمد تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي.