اسلا آباد - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي صدارت سنڀالي ورتي آهي جنهن دوران هو ايندڙ سال ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس جي ميزباني ڪندو. اربع ڏينهن هتي پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان مستقل ثالثي عدالت جي فيصلي ۾ سامهون …
پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي صدارت سنڀالي ورتي آهي جنهن دوران هو ايندڙ سال ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس جي ميزباني ڪندو: پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي جي پريس بريفنگ

مزید خبریں
اسلا آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو آهي ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي صدارت سنڀالي ورتي آهي جنهن دوران هو ايندڙ سال ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس جي ميزباني ڪندو. اربع ڏينهن هتي پريس بريفنگ کي خطاب ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان مستقل ثالثي عدالت جي فيصلي ۾ سامهون ايندڙ “واضح ۽ مستنند اعلانن” جي آجيان ڪئي آهي جنهن ۾ ان ڳالهه جي توثيق ڪئي وئي آهي ته پاڪستان کي سنڌ طاس معاهدي تحت پنهنجي پاڻي حقن جي تحفظ جي لاءِ سمورا سفارتي ۽ قانوني رستا اختيار ڪرڻ جو حق حاصل آهي جڏهن ته نئين دهلي تي زور ڏنو ويو آهي ته هو معاهدي جي مڪمل پاسداري طرف واپس اچي. ترجمان چيو ته عدالت جو متفقه فيصلو سنڌ طاس معاهدي جي حرمت ۽ عالمي قانون جي بالادستي جي توثيق آهي. هن چيو ته مستقل ثالثي عدالت جي فيصلي پاڪستان جي ان موقف جي تائيد ڪئي آهي ته سنڌ طاس جي پاڻي بابت اختلافن کي سنڌ طاس معاهدي جي دائري جي اندر ۽ عالمي قانون موجب ئي حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ثالثي عدالت ۾ ڪارروائي سنڌ طاس معاهدي ۾ طئي ٿيل تڪرارن جي حل جي طريقيڪار تحت عمل ۾ آندي وئي. ترجمان چيو ته عدالت جي فيصلي کي ڀارت پاران رد ڪرڻ سان اهڙا خدشا پيدا ٿين ٿا جيڪي موجوده تڪرار کان تمام گهڻو اڳتي تائين وڃن ٿا. ڀارت عالمي قانون کي پنهنجي سهولت موجب استعمال نه ٿو ڪري سگهي ته جتي فائدو هجي اتي ان کي تسليم ڪري ۽ جتي مشڪلاتون هجن اتي رد ڪري. ترجمان چيو ته ڀارت پابند معاهداتي ذميوارين ۽ قانوني طريقيڪار کي نظرانداز نه ٿو ڪري سگهي، ڀارت جو اهڙو طرز عمل معاهدن جي حرمت کي نقصان پهچائي ٿو، عالمي تڪرارن جي طئي ٿيل حل جي طريقيڪار تي اعتماد کي ڪمزور ڪري ٿو ۽ ٻين خطن جي لاءِ منفي مثال قائم ڪري ٿو. هن چيو ته ڀارت کي معاهدي جي مڪمل پاسداري طرف واپس اچڻ گهرجي، معاهدي تحت قائم اداراجاتي ۽ تڪرارن جي حل جي طريقيڪار جو احترام ڪرڻ گهرجي ۽ ان فريم ورڪ جي اندر پاڪستان سان تعميري انداز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڀارتي پرڏيهي وزارت جو بيان سنڌ طاس معاهدي تحت ڀارت جي ذميوارين يا ثالثي عدالت جي فيصلي تي عملدرآمد جي ان جي ذميواري کي ختم يا تبديل نه ٿو ڪري سگهي. ترجمان چيو ته پاڪستان ان فيصلي تي پوري سنجيدگي سان عملدرآمد جي لاءِ پُرعزم آهي ۽ هو معاهدي جي شقن موجب ان جي پاسداري ڪندو، اسان ڀارت تي به زرو ڀريندا رهنداسين ته هو اهڙي طرزعمل جو مظاهرو ڪري ۽ معاهدي جي روح ۽ سمورين قانوني دستاويزي شقن جي مڪمل پاسداري کي يقيني بڻائي. چين جي افغانستان جي لاءِ خصوصي نمائندي جي پاڪستان جي دوري بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپيل معاملن تي چين جي تعميري ۽ مسلسل رابطي کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو. طاهر حسين اندرابي چيو ته پاڪستان افغانستان جي معاملي تي تعميري ڳالهه ٻولهه جي لاءِ سدائين مثبت طور تي رابطي ۾ رهيو آهي جڏهن ته اڳڀرائي جو دارومدار عبوري طالبان حڪومت پاران ٽي ٽي پي، بي ايل اي ۽ ٻين دهشتگرد تنظيمن جي خلاف ٺوس ۽ تصديق جوڳي قدمن تي هوندو جيڪي افغان سرزمين تان پاڪستان جي خلاف ڪارروايون ڪري رهيون آهن. آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري تڪرار ۽ اسلام آباد مفاهمتي يادداشت بابت سوال تي هن چيو ته پاڪستان صرتحال تي گهري نظر رکي آهي، اسان کي ڳڻتي آهي ۽ اها ڇڪتاڻ يقيني طور تي ڪنهن جي به مفاد ۾ نه آهي، اسان مايوس ناهيون ٿيا ۽ پنهنجو رابطو جاري رکيو آهي. ترجمان چيو ته ڇڪتاڻ ۾ اضافي کي ثالثي جي عمل جي ناڪامي قرار نه ڏيڻ گهرجي ڇو ته پاڪستان امن عمل سان پوري سنجيدگي سان پنهنجو رابطو برقرار رکيو آهي. هن چيو ته ايراني صدر سان ملاقات کانپوءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف واضح ڪيو آهي ته اسلام آباد مفاهمتي يادداشت ڌرين کي ڳالهه ٻولهه جي ميز تي واپس اچڻ ۽ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ بشمول ٽيڪنيڪي سطح جي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ هڪ فريم ورڪ فراهم ڪري ٿي ته جيئن ان تعطل جو ڊگهي مدي وارو ۽ پائيدار حل ڳولي سگهجي. ڪشميري اڳواڻ ياسين ملڪ جي خلاف فوجداري ڪيس بابت سوال تي هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي حوالي سان پاڪستان جي موقف ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير بابت پاڪستان جو موقف گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن، عالمي قانون ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن تي مضبوطي سان قائم آهي، اسان لاڳاپيل عالمي فورمز تي ان معاملي کي پوري طرح اجاگر ڪندا رهنداسين. هن چيو ته بشڪيڪ ۾ قيادت جي ملاقاتن دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل سان پڻ ملاقاتون ڪيون ۽ ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڄمون ۽ ڪشمير گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. يورپي ڪميشن پاران تازو ئي جاري ڪيل ٻه سالا جي ايس پي مانيٽرنگ رپورٽ تي تبصرو ڪندي ترجمان چيو ته پاڪستان ان رپورٽ ۽ عالمي ڪنوينشنز تحت پاڪستان جي مسلسل پاسداري جي حوالي سان ڪميشن جي اعتراف کي ساراهي ٿو جڏهن ته هن چيو ته رپورٽ جو مجموعي بيانيو پاڪستان جي ڪارڪردگي جي مڪمل طور تي متوازن تصوير پيش نه ٿو ڪري. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ دهشتگردي جا خاتمي جا داخلي ۽ خارجي ٻئي رخ آهن. اندروني محاذ تي سيڪيورٽي فورسز پاران وڏي پئماني تي ڪارروايون جاري آهن. خارجي رخ ۾ افغانستان ۾ موجود عنصر بشمول عبوري طالبان حڪومت پاران پاڪستان جي اندر سرگرم دهشتگردن کي فراهم ڪئي ويندڙ مدد شامل آهي جڏهن ته ٻاهرئين خطي جي عنصرن خاص طور تي ڀارت پاران به دهشتگردي جي حمايت ۽ مدد ڪئي پئي وڃي جنهن بابت پاڪستان وٽ ٺوس ثبوت موجود آهن. گذريل هفتي دوران سفارتي سرگرمين کي اجاگر ڪندي ترجمان چيو ته پاڪستان سفارتي محاذ تي فعال طور تي مصروف رهيو ۽ اعلى سطحي ٻطرفي، علائقائي ۽ گهڻ رخي رابطن جو هڪ سلسلو جاري رهيو جنهن جو مقصد پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جي ترجيحن کي اڳتي وڌائڻ ۽ اهم حصيدارن سان لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ آهي. هن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي شنگهائي تعاون تنظيم سربراهي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ ڪرغزستان جي جاري سرڪاري دوري جو حوالو ڏنو جتي وزيراعظم اهم بيان ڏنا جڏهن ته ان کانسواءِ نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار پڻ عالمي اڳواڻن سان اجلاس جي سائيڊ لائينز تي ڪيتريون ئي ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي صدارت به سنڀالي ورتي آهي جنهن دوران هو ايندڙ سال ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ جي اجلاس جي ميزباني ڪندو. ترجمان پاڪستان، سعودي عرب ۽ ترڪيه جي وچ ۾ گڏيل دفاعي معاهدي تحت قائم اسٽريٽجڪ سياسي ۽ دفاعي ڪميٽي جي استنبول ۾ ٿيندڙ افتتاحي اجلاس جو ذڪر ڪندي چيو ته ٽنهي ملڪن علائقائي امن، استحڪام ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ تحمل جو مظاهرو ۽ بحرانن جو پرامن حل به شامل آهي. هن چيو ته سيڪريٽري جنرل جي سربراهي ۾ هڪ سيڪريٽريٽ سعودي عرب ۾ قائم ڪيو ويندو جڏهن ته شروعاتي طور تي ٽن سالن جي لاءِ سربراهي پاڪستان سان تعلق رکندڙ سيڪريٽري جنرل ڪندو.











