وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جمهوريه ڪرغزستان جي دوري دوران اڄ 17 ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون: نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار

اسلا آباد - 02 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جمهوريه ڪرغزستان جي دوري دوران اڄ 17 ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون جن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جو صدر صادر زاپاروف جو گڏيل پڌرنامو به شامل آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ نائب وزيراعظم …

اسلا آباد – 02 سيپٽمبر (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي جمهوريه ڪرغزستان جي دوري دوران اڄ 17 ٻطرفي دستاويزن تي صحيحون ڪيون ويون جن ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ڪرغزستان جو صدر صادر زاپاروف جو گڏيل پڌرنامو به شامل آهي. اربع ڏينهن سماجي رابطي جي پليٽ فارم ايڪس تي هڪ بيان ۾ نائب وزيراعظم چيو ته انهن دستاويزن ۾ ٽرانزٽ واپار، حوالگي، گڏيل قانوني مدد، منشيات جي خاتمي، تعليم، علمي تحقيق ۽ ڏي وٺ، موسمياتي تبديلي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي سميت ٻين اهم شعبن جو احاطو ڪيو ويو آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته مون چار دستاويزن تي صحيحون ڪيون جن ۾ پاڪستان ۽ ڪرغزستان جي پرڏيهي وزارت جي وچ ۾ تعاون جو پروگرام، حوالگي جو معاهدو، گڏيل قانوني مدد جو معاهدو ۽ علمي تحقيق ۽ ڏي وٺ بابت مفاهمت جي يادداشت شامل آهي. هن چيو ته ٻنهي ملڪن ٻطرفي واپار جو ماپو 20 ڪروڙ ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو پڻ ورجاءُ ڪيو آهي. اسحاق ڊار موجب اهي معاهدا ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اداراجاتي رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ سان گڏوگڏ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون جا نوان موقعا پيدا ڪندا.