سنڌ جي گورنر سان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد علي صديقي جي ملاقات

ڪراچي- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد علي صديقي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪراچي ۾ پاڻي ۽ سيوريج جي نظام ۾ بهتري، جاري ترقياتي منصوبن، شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو ته ڪراچي جي عوام …

ڪراچي- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي گورنر سيد محمد نهال هاشمي سان ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر احمد علي صديقي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ڪراچي ۾ پاڻي ۽ سيوريج جي نظام ۾ بهتري، جاري ترقياتي منصوبن، شهرين کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. گورنر سيد محمد نهال هاشمي چيو ته ڪراچي جي عوام کي صاف پاڻي جي فراهمي ۽ ٽينڪر مافيا کان ڇوٽڪارو ڏيارڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. غير قانوني هائيڊرنٽس خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ پاڻي ۽ سيوريج جي ڊگهي عرصي کان هلندڙ مسئلن جي مستقل حل لاءِ جامع حڪمت عملي تيار ڪئي وڃي، جڏهن ته شهر جي متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ سيوريج جو نظام فوري طور بهتر بڻايو وڃي. شهرين کي بنيادي سهولتن جي وقت سر ۽ بنا رڪاوٽ فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نه ڪئي ويندي.گورنر وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي عوام کي رليف فراهم ڪرڻ حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن جي پهرين ذميواري آهي، تنهن ڪري پاڻي جي مسلسل، بنا رڪاوٽ ۽ منصفاڻي فراهمي لاءِ مؤثر قدم يقيني بڻايا وڃن. سي اي او ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج ڪارپوريشن احمد علي صديقي گورنر کي ڪارپوريشن ۾ جاري سڌارن ۽ نون قدمن بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪارپوريشن جي ڪارڪردگي ۾ نمايان بهتري اچي رهي آهي، جڏهن ته وصولين ۽ روينيو ۾ اضافي لاءِ مؤثر قدم کنيا پيا وڃن. هن ٻڌايو ته پاڻي جي چوري جي روڪٿام لاءِ ڪارروايون جاري آهن، جڏهن ته پاڻي جي اهم لائينن ۽ ٺڪاڻن جي تحفظ لاءِ جيو فينسنگ جا قدم پڻ کنيا پيا وڃن. عملي جي پيشيوراڻي تربيت تي پڻ خاص ڌيان ڏنو پيو وڃي، ته جيئن اداري جي صلاحيت ۽ خدمتن جي معيار کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي. احمد علي صديقي يقين ڏياريو ته گورنر جي هدايتن تي مڪمل عملدرآمد ڪيو ويندو ۽ شهرين کي صاف پاڻي جي مسلسل، بنا رڪاوٽ ۽ منصفاڻي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ سمورا ممڪن قدم کنيا ويندا.