قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاران پاڪستان طرفان شنگهائي تعاون تنظيم جي صدارت سنڀالڻ تي قوم کي مبارڪون

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان طرفان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ 27-2026ع جي صدارت سنڀالڻ تي قوم کي مبارڪون ڏيندي ان کي هڪ اهم سفارتي ڪاميابي ۽ پوري قوم لاءِ فخر جوڳو قرار ڏنو آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جو خطي جي اهم تنظيم …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق پاڪستان طرفان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ 27-2026ع جي صدارت سنڀالڻ تي قوم کي مبارڪون ڏيندي ان کي هڪ اهم سفارتي ڪاميابي ۽ پوري قوم لاءِ فخر جوڳو قرار ڏنو آهي. اربع ڏينهن قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جو خطي جي اهم تنظيم شنگهائي تعاون تنظيم جي صدارت سنڀالڻ ۽ لاهور کي 27-2026ع لاءِ ايس سي او جو سياحتي ۽ ثقافتي گادي وارو هنڌ قرار ڏيڻ عالمي برادري جو پاڪستان تي وڌندڙ اعتماد جو ثبوت آهي. هن چيو ته هي سفارتي ڪاميابيون پاڪستان جي سفارتي ميدان ۾ اڀرندڙ سڃاڻپ ۽ عالمي برادري جي وڌندڙ اعتماد جو دليل آهن. اسپيڪر سردار اياز صادق، وزيراعظم محمد شهباز شريف جي مدبراڻي قيادت ۽ فعال سفارتڪاري کي خراج تحسين پيش ڪيندي چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۽ متحرڪ سفارتي ڪوششون عالمي سطح تي پاڪستان جي مقام ۽ وقار کي مستحڪم ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسپيڪر، وزيراعظم شهباز شريف، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي گڏيل سفارتي ڪوششن کي ساراهيندي چيو ته مڪه معاهدي تحت قائم اسٽريٽجڪ پوليٽيڪل اينڊ ڊفينس ڪميٽي طرفان مڪه جوائنٽ ڊفينس ايگريمنٽ سيڪريٽريٽ جي پهرئين سيڪريٽري جنرل طور پاڪستان مان ٽن سالن جي مدي لاءِ مقرري جو فيصلو عالمي سطح تي پاڪستان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار آهي. هن چيو ته هي فيصلو مسلمان ملڪن وچ ۾ اجتماعي دفاعي ۽ سلامتي جي شعبن ۾ تعاون کي هٿي ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي موثر ۽ تعميري ڪردار جو اعتراف به آهي. اسپيڪر چيو ته پاڪستان جي ايس سي او صدارت جو موضوع ويزن کي عملي جامو پارائڻ، رابطن کي هٿي ڏيڻ، جدت ۽ گڏيل خوشحالي ميمبر ملڪن وچ ۾ گڏيل امنگن کي عملي تعاون ۾ بدلائڻ جي پاڪستان جي عزم جي ڀرپور عڪاسي ڪري ٿو. هن چيو ته ايس سي او جي صدارت پاڪستان کي علائقائي تعاون، امن، رابطاسازي، جدت ۽ گڏيل خوشحالي کي هٿي ڏيڻ ۾ موثر ۽ قائداڻو ڪردار ادا ڪرڻ جو اهم موقعو فراهم ڪندي. اسپيڪر وڌيڪ چيو ته 2027ع ۾ اسلام آباد ۾ پاڪستان جي ميزباني ۾ منعقد ٿيندڙ ايس سي او ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ سربراهي اجلاس پاڪستان جي مهمانوازي، سفارتي صلاحيتن ۽ علائقائي امن، رابطا سازي ۽ پائيدار ترقي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم کي دنيا آڏو اجاگر ڪرڻ جو هڪ تاريخي موقعو فراهم ڪندو.