اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) عوام کي خبردار ڪيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو تعليمي سَندون تصديق ڪرائڻ ۾ مدد جي نالي تي پاڻ کي ايڇ اي سي جو ايجنٽ ظاهر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهڙن ماڻهن جي دوکي ۾ اچڻ کان پاسو ڪيو وڃي. درخواست ڪندڙ پنهنجا ذاتي ۽ تعليمي ڪاغذ، ڊگريون ڪنهن سان شيئر نه ڪن ته جئين دوکي ۽ …
ايڇ اي سي پاران تعليمي سَندن جي تصديق جي نالي تي جعلي ايجنٽن کان هوشيار رهڻ جي هدايت

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) هائر ايجوڪيشن ڪميشن (ايڇ اي سي) عوام کي خبردار ڪيو آهي ته ڪيترائي ماڻهو تعليمي سَندون تصديق ڪرائڻ ۾ مدد جي نالي تي پاڻ کي ايڇ اي سي جو ايجنٽ ظاهر ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اهڙن ماڻهن جي دوکي ۾ اچڻ کان پاسو ڪيو وڃي. درخواست ڪندڙ پنهنجا ذاتي ۽ تعليمي ڪاغذ، ڊگريون ڪنهن سان شيئر نه ڪن ته جئين دوکي ۽ فراڊ کان بچي سگهن. ڪميشن چيو آهي ته تعليمي سَندون تصديق ڪرڻ وارو عمل مڪمل طور تي آن لائن آهي، جنهن تحت درخواست ڪندڙ آسان طريقي سان پنهنجي ڊگري جي تصديق جي درخواست جمع ڪرائي سگهي ٿو، جڏهن ته ان سلسلي ۾ صرف ڪميشن جي سرڪاري ويب سائٽ تي دستياب هدايتن تي عمل ڪيو وڃي.











