پاڪستان جي عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ واپسي، ڊالر بينچ مارڪ يورو بانڊ جاري ڪرڻ جي شروعات

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان معاشي استحڪام جي حڪمت عملي تحت عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ ٻيهر واپسي ۽ عالمي سيڙپڪارن تائين پهچ بهتر بڻائڻ لاءِ آمريڪي ڊالر بينچ مارڪ يورو بانڊ جي جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد موجب ناڻي واري وزارت ۽ حڪومت عالمي سيڙپڪارن لاءِ پنجن سالن ۽ ڏهن سالن تي مشتمل ڊوئل ٽرانچ يورو بانڊ …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان معاشي استحڪام جي حڪمت عملي تحت عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ ٻيهر واپسي ۽ عالمي سيڙپڪارن تائين پهچ بهتر بڻائڻ لاءِ آمريڪي ڊالر بينچ مارڪ يورو بانڊ جي جاري ڪرڻ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي. ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد موجب ناڻي واري وزارت ۽ حڪومت عالمي سيڙپڪارن لاءِ پنجن سالن ۽ ڏهن سالن تي مشتمل ڊوئل ٽرانچ يورو بانڊ پيش ڪرڻ جو عمل شروع ڪيو آهي. هن چيو ته يورو بانڊ جاري ڪرڻ موجوده عالمي مارڪيٽ جي حالتن کي نظر ۾ رکندي عالمي سيڙپڪاري مارڪيٽ تائين پهچ جي بحالي طرف اهم قدم آهي، اهو قدم تازي خود مختيار ڪريڊٽ ريٽنگ ۾ بهتري ۽ معاشي بنياد ۾ استحڪام کان پوءِ سامهون آيو آهي. خرم شهزاد موجب معاشي استحڪام، مضبوط ميڪرو اڪنامڪ اهڃاڻن ۽ اثرائتي پاليسي وارن قدمن سبب عالمي سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد بحال ٿي رهيو آهي. هن چيو ته عالمي ڪيپيٽل مارڪيٽس ۾ پاڪستان جي واپسي ملڪ ۾ معاشي اعتماد ۽ سيڙپڪاري جي نون موقعن جي عڪاسي ڪري ٿي. يورو بانڊ جو جاري ٿيڻ عالمي مالياتي نظام ۾ پاڪستان جي ٻيهر اثرائتي شرڪت طرف اهم قدم آهي.