اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 10 سيڪڙو اوسر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اوسي اي سي ۽ انڊيسٽري جي انگ اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 2 مهينن (جولاءِ کان آگسٽ ) جي مدي ۾ ملڪ ۾ 2.77 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال …
پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هلندڙ سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 10 سيڪڙو اضافو رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) ملڪ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري ۾ هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ سالياني بنيادن تي 10 سيڪڙو اوسر رڪارڊ ڪئي وئي آهي. اوسي اي سي ۽ انڊيسٽري جي انگ اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 2 مهينن (جولاءِ کان آگسٽ ) جي مدي ۾ ملڪ ۾ 2.77 ملين ٽن پيٽروليم مصنوعات جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 2.52 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 10 سيڪڙو وڌيڪ آهي . آگسٽ ۾ پيٽروليم مصنوعات جي وڪري جو ڳاڻيٽو 1.26 ملين ٽن رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جولاءِ جو 1.51 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 16 سيڪڙو گهٽ جڏهن ته گذريل سال جي آگسٽ جي 1.30 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 3 سيڪڙو گهٽ آهي. انگن اکرن مطابق مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ملڪ ۾ 1.39 ملين ٽن پيٽرول جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 1.29 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 8 سيڪڙو وڌيڪ آهي. آگسٽ ۾ 0.67 ٽن پيٽرول جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جولاءِ جي 0.73 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 9 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال آگسٽ جي 0.67 ملين ٽن جي مقابلي ۾ برابر آهي. انگ اکرن مطابق مالي سال جي پهرين 2 مهينن ۾ 1.05 ملين ٽن هاءِ اسپيڊ جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو، جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 1.03 ملين ٽن جي مقابلي ۾ هڪ سيڪڙو وڌيڪ آهي . آگسٽ ۾ 0.42 ملين ٽن هاءَ اسپيڊ ڊيزل جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو جولاءِ جي 0.62 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 32 سيڪڙو گهٽ ۽ گذريل سال آگسٽ جي 0.52 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 19 سيڪڙو گهٽ آهي . انگن اکرن مطابق مالي سال جي پهرين ٻن مهينن ۾ ملڪ ۾ 0.18 ملين ٽن فرنس آئل جو وڪرو رڪارڊ ڪيو ويوآهي جيڪو گذريل مالي سال جي ان مدي جي 0.03 ملين ٽن جي مقابلي ۾ 419 سيڪڙو وڌيڪ آهي.











