آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمن جي اڳواڻيءَ ۾ وفد جي صوبائي وزير ڄام خان شورو جي حيدرآباد واري رهائشگاهه تي آمد

حيدرآباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي آبپاشي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير ڄام خان شورو جي حيدرآباد واري رهائشگاهه تي آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمن جي اڳواڻيءَ ۾ آمريڪي وفد ملاقات لاءِ پهتو. اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل خبر موجبآمريڪي وفد ۾ يو ايس قونصل جنرل چارلس گڊمن سان گڏ پبلڪ افيئرز آفيسر شان ميڪانٽوش، پوليٽيڪل آفيسر حرم رينالڊز ۽ اڪنامڪ اسپيشلسٽ اقصيٰ ميمڻ پڻ شامل هئا. …

حيدرآباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سنڌ جي آبپاشي، منصوبابندي ۽ ترقي واري وزير ڄام خان شورو جي حيدرآباد واري رهائشگاهه تي آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمن جي اڳواڻيءَ ۾ آمريڪي وفد ملاقات لاءِ پهتو. اطلاعات کاتي حيدرآباد پاران جاري ڪيل خبر موجب
آمريڪي وفد ۾ يو ايس قونصل جنرل چارلس گڊمن سان گڏ پبلڪ افيئرز آفيسر شان ميڪانٽوش، پوليٽيڪل آفيسر حرم رينالڊز ۽ اڪنامڪ اسپيشلسٽ اقصيٰ ميمڻ پڻ شامل هئا. ملاقات ۾ حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو، سنڌ جي وڏي وزير جو خاص معاون عبدالجبار خان، سنڌ اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر سڪندر شورو، ڪمشنر، ڊپٽي ڪمشنر، ڊي آءِ جي، ايس ايس پي، ٽائون چيئرمينز ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جا اڳواڻ پڻ شريڪ ٿيا. ان موقعي تي صوبائي وزير ڄام خان شورو ۽ آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمن وچ ۾ گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن، حيدرآباد جي صورتحال ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. صوبائي وزير ڄام خان شورو آمريڪي وفد جي حيدرآباد آمد جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي آمريڪي قونصل جنرل چارلس گڊمن، صوبائي وزير ڄام خان شورو جا ٿورا مڃيندي حيدرآباد جي دوري ۽ مقامي قيادت سان رابطي کي سٺو سنوڻ قرار ڏنو.