سينيٽر ثمينه ممتاز زهري پاران سنڌ طاس معاهدي بابت ٽياڪڙي واري عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان

ڪوئيٽا- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر ثمينه ممتاز زهري سنڌ طاس معاهدي بابت ٽياڪڙي واري عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هي فيصلو عالمي قانونن، معاهدن جي پاسداري ۽ انصاف جي بالادستي جو هڪ اهم مثال آهي. عدالت ڀارت طرفان پيش ڪيل مختلف جوازن کي تسليم نه ڪندي واضح ڪيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي ۾ …

ڪوئيٽا- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرپرسن سينيٽر ثمينه ممتاز زهري سنڌ طاس معاهدي بابت ٽياڪڙي واري عالمي عدالت جي فيصلي جي آجيان ڪندي چيو آهي ته هي فيصلو عالمي قانونن، معاهدن جي پاسداري ۽ انصاف جي بالادستي جو هڪ اهم مثال آهي. عدالت ڀارت طرفان پيش ڪيل مختلف جوازن کي تسليم نه ڪندي واضح ڪيو آهي ته سنڌ طاس معاهدي ۾ تبديلي يا ان جو خاتمو ٻنهي ملڪن جي گڏيل رضامندي ۽ نئين معاهدي ذريعي ئي ممڪن آهي. اربع ڏينهن پنهنجي بيان ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري چيو ته ٽياڪڙي واري عدالت طرفان گڏيل طور تي اهو قرار ڏيڻ ته ڀارت سنڌ طاس معاهدي کي هڪطرفي طور معطل، ختم يا التوا ۾ نٿو رکي سگهي، پاڪستان جي موقف جي واضح قانوني تائيد آهي. سنڌ طاس معاهدو لاڳو آهي ۽ ڀارت ان جي پابندي جي ذميوار آهي. هن چيو ته پاڻي پاڪستان لاءِ رڳو هڪ قدرتي وسيلو ناهي پر اسان جي زراعت، معيشت، خوراڪ ۽ ڪروڙين عوام جي زندگين سان جڙيل بنيادي حق آهي. ڪنهن به ملڪ کي هڪطرفي قدمن ذريعي ٻي ملڪ جي جائز آبي حق متاثر ڪرڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان هميشه عالمي قانونن، سفارتي ذريعن ۽ پرامن طريقيڪار ذريعي پنهنجي حقن جي تحفظ جو حامي رهيو آهي. اڄوڪو فيصلو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عالمي معاهدن جي پاسداري ۽ قانوني رستو اختيار ڪرڻ ئي ڊگهي ۽ منصفاڻي حل جو بنياد آهي. هن چيو ته پاڪستان پاڻي جي معاملي تي ڪنهن به قسم جي ناانصافي يا پنهنجي جائز آبي حقن جي ڀڃڪڙي قبول نه ڪندو، پاڪستان خطي ۾ امن، استحڪام ۽ گڏيل تعاون لاءِ هميشه مثبت ڪردار ادا ڪندو رهندو. هن چيو ته سنڌ طاس معاهدو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ هڪ اهم قانوني فريم ورڪ آهي ۽ ان جي مڪمل پاسداري خطي جي امن، استحڪام ۽ ڪروڙين انسانن جي مستقبل لاءِ انتهائي ضروري آهي.