خيبر پختونخواه جي گورنر سان آزاد ڄمون ڪشمير جي اڳوڻي صدر سردار يعقوب خان جي ملاقات

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان آزاد ڄمون ڪشمير جي اڳواڻي صدر سردار يعقوب خان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪشمير جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع تي اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ خيبر پختونخواه اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جو پارليماني اڳواڻ احمد ڪنڊي ۽ اڳوڻو ايم پي اي احتشام جاويد اڪبر خان پڻ موجود هئا. ٻنهي …

اسلام آباد- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) خيبرپختونخواه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي سان آزاد ڄمون ڪشمير جي اڳواڻي صدر سردار يعقوب خان ملاقات ڪئي، جنهن دوران ڪشمير جي سياسي صورتحال ۽ پارٽي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. اربع تي اسلام آباد ۾ ٿيل ملاقات ۾ خيبر پختونخواه اسيمبلي ۾ پيپلز پارٽي جو پارليماني اڳواڻ احمد ڪنڊي ۽ اڳوڻو ايم پي اي احتشام جاويد اڪبر خان پڻ موجود هئا. ٻنهي اڳواڻن ملاقات ۾ خيبر پختونخواه اسميبلي ۾ پيپلز پارٽي جي تنظيمي معاملن ۽ گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي ڳالهيون ڪيون.