پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي: پي ڊي ايم اي

لاهور- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي. پي ڊي ايم اي پنجاب مطابق چناب، جهلم، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي جڏهن ته ڊيرا غازي خان رودڪوهيون ۾ پڻ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي. سنڌو دريا ۾ تربيلا ۽ ڪالا باغ جي هنڌ تي هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. ڪالا باغ ۾ پاڻي جو وهڪرو …

لاهور- 02 سيپٽمبر (اي پي پي) پنجاب جي اڪثر دريائن ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول مطابق آهي. پي ڊي ايم اي پنجاب مطابق چناب، جهلم، راوي ۽ ستلج ۾ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي جڏهن ته ڊيرا غازي خان رودڪوهيون ۾ پڻ پاڻي جو وهڪرو معمول موجب آهي. سنڌو دريا ۾ تربيلا ۽ ڪالا باغ جي هنڌ تي هيٺين درجي جي ٻوڏ آهي. ڪالا باغ ۾ پاڻي جو وهڪرو 3 لک 21 هزار ڪيوسڪ ۽ تربيلا ۾ 2 لک 50 هزار ڪيوسڪ آهي. ناله پلڪو ۽ ٻين نالن ۾ پاڻي جو وهڪرو نارمل سطح تي آهي. راوي جي اهم لاڳاپيل ناله ڊيڪ ۾ هيٺين درجي جي ٻوڏ واري صورتحال آهي. تريبلا ڊيم 100 سيڪڙو ۽ منگلا ڊيم 77 سيڪڙو ڀرجي ويو آهي. پي ڊي ايم اي، جي ڊي جي محمد حنيف سيف انور جپه شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته موسم ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي احتياطي اپاءَ اختيار ڪيا وڃن. دريائن ، نهرن ۽ ندي نالن جي پسگردائي وارن علائقن ۾ سير ۽ تفريح کان پاسو ڪيو وڃي.