وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه جي سعودي ڊيٽا اينڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارٽي جي صدر سان ملاقات

رياض- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ليپ 2026ع جي موقعي تي سعودي ڊيٽا اينڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارٽي جي صدر عبدالله بن شرف الغامدي سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير کيس قومي اي آءِ ۽ ڊيٽا گورننس جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي جاري قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ هڪ مضبوط ڊيٽا ايڪو سسٽم ۽ ڊجيٽل معيشت جي تعمير …

رياض- 01 سيپٽمبر (اي پي پي) انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ليپ 2026ع جي موقعي تي سعودي ڊيٽا اينڊ آرٽيفيشل انٽيليجنس اٿارٽي جي صدر عبدالله بن شرف الغامدي سان ملاقات ڪئي. وفاقي وزير کيس قومي اي آءِ ۽ ڊيٽا گورننس جي ايجنڊا کي اڳتي وڌائڻ لاءِ پاڪستان جي جاري قدمن کان آگاهه ڪيو ۽ هڪ مضبوط ڊيٽا ايڪو سسٽم ۽ ڊجيٽل معيشت جي تعمير لاءِ پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. اڱاري ڏينهن آءِ ٽي واري وزارت مان جاري بيان موجب ڌرين ٻنهي ڀائر ملڪن وچ ۾ اي آءِ ڊيٽا گورننس ۽ جديد ٽيڪنالاجيز ۾ هڪ جامع ۽ پائيدار حصيداري جي قيام لاءِ ڳالهيون جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو.