اسلام آباد - 01 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 3 تحت فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير محسن نقوي (چاغي) ۽ زيارت ڪراس(پشين) ۾ 21 دهشتگردن کي جنهم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. فرض جي راهه ۾ شهادت ماڻيندڙ ڪسٽمز آفيسرن …
وفاقي وزير محسن نقوي پاران بلوچستان ۾ ڪامياب آپريشن تي فورسز کي خراجِ تحسين پيش، ڪسٽمز آفيسرن سميت 6 شهيدن کي خراجِ عقيدت پيش

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) گهرو معاملن واري وفاقي وزير محسن نقوي، بلوچستان ۾ آپريشن ردالفتنه 3 تحت فتنه الهندستان ۽ فتنه الخوارج جي دهشتگردن خلاف ڪامياب ڪارروائين تي سيڪيورٽي فورسز کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪيو آهي. وفاقي وزير محسن نقوي (چاغي) ۽ زيارت ڪراس(پشين) ۾ 21 دهشتگردن کي جنهم واصل ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي ساراهيو. فرض جي راهه ۾ شهادت ماڻيندڙ ڪسٽمز آفيسرن سميت وطن جي 6 بهادر سپوتن کي هن زبردست خراجِ عقيدت پيش ڪندي چيو ته شهيدن پنهنجين جانين جو نذراڻو ڏئي ڪسٽم هائوس تي حملو ناڪام بڻايو. محسن نقوي جو چوڻ هو ته شهيدن جون اهي عظيم قربانيون دهشتگردي خلاف قوم جي پختي عزم جو واضح ثبوت آهن، سيڪيورٽي فورسز، بلوچستان ۾ امن لاءِ مڪمل پرعزم آهن ۽ دهشتگردن جي ناپاڪ ارادن کي خاڪ ۾ ملائڻ وارن فورسز جي بهادر جوانن کي پوري قوم سلام پيش ڪري ٿي. وفاقي وزير چيو ته دهشتگردن ۽ انهن جي سهولتڪارن جو مڪمل خاتمو پوري قوم جو آواز آهي ۽ پوري قوم ان ناسور جي خاتمي لاءِ پنهنجي فورسز سان گڏ بيٺل آهي.











