اسلام آباد - 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 508.68 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 176466.99 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ 784.465 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جيڪو گذريل سيشن ۾937.270 ملين شيئرز رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاروباري ماليت 39.134 ارب رپين کان گهٽجي 37.410 ارب رپيا رهجي وئي. مارڪيٽ جي مجموعي …
پاڪستان اسٽاڪ ايڪچسينج ۾ ٻاڙائي جو رجحان، ڪي ايس اي 100 انڊيڪس ۾ 508.68 پوائنٽس جي گهٽتائي رڪارڊ

مزید خبریں
اسلام آباد – 01 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اڱاري ڏينهن ٻاڙائي جو رجحان رهيو ۽ بينچ مارڪ ڪي ايس اي 100 انڊيڪس 508.68 پوائنٽس جي گهٽتائي کانپوءِ 176466.99 پوائنٽس تي بند ٿيو. ريڊي مارڪيٽ ۾ 784.465 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو، جيڪو گذريل سيشن ۾937.270 ملين شيئرز رڪارڊ ڪيو ويو، جڏهن ته ڪاروباري ماليت 39.134 ارب رپين کان گهٽجي 37.410 ارب رپيا رهجي وئي. مارڪيٽ جي مجموعي سيڙپڪاري ماليت به 19.830 ٽريلين رپين کان گهٽجي 19.782 ٽريلين رپيا رهجي وئي. ڪاروباري سرگرمين دوران 569 ڪمپنين جي شيئرز جي ڏيتي ليتي ٿي، جن مان 174 ڪمپنين جي شيئرز جي قيمتن ۾ اضافو، 292 جي قيمتن ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته 103 ڪمپنين جي شيئرز جون قيمتون مستحڪم رهيون. ڳاڻيٽي جي لحاظ کان سينر جيڪو پي ڪي 191.729 ملين شيئرز سان سرفهرست رهيو، ان کانپوءِ پاڪ ريفائنري جي 58.149 ملين ۽ ورلڊ ڪال ٽيلي ڪام جي 40.783 ملين شيئرز جو ڪاروبار ٿيو. نمايان اضافو ڪندڙ شيئرز ۾ پي آءِ اي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ-بي جي شيئرز جي قيمت 102 رپين جي اضافي سان 17300 رپيا، جڏهن ته بڪسلي پينٽس لميٽيڊ جي شيئرز 84.25 رپين جي اضافي سان 926.77 رپين تي بند ٿيا. گهٽتائي ڪندڙ شيئرز ۾ ٿل انڊسٽريز ڪارپوريشن لميٽيڊ جي شيئرز جي قيمت 133.94 رپين جي گهٽتائي سان 1205.46 رپيا، جڏهن ته هوئسٽ پاڪستان لميٽيڊ جا شيئرز 37.17 رپين جي گهٽتائي سان 4042.76 رپين تي بند ٿيا. ڪي ايس اي 30 انڊيڪس 70.30 پوائنٽس جي گهٽتائي سان 52632.42 پوائنٽس، جڏهن ته اسلامي ماليات رکندڙ ڪي ايم آءِ 30 انڊيڪس 192.66 پوائنٽس جي بهتري سان 251849.49 پوائنٽس تي بند ٿيا.











