پاڪستان ”ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ“ جي قانونسازي ذريعي پنهنجي ڊجيٽل تبديلي کي مستحڪم ڪيو آهي: شزه فاطمه خواجه

رياض- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ جي قانونسازي ذريعي پنهنجي ڊجيٽل تبديلي کي مستحڪم ڪيو آهي، اداره جاتي ملڪيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ نيشنل ڊجيٽل ڪميشن ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي منعقد ليپ 2026ع ڪانفرنس کي اسان …

رياض- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن واري وفاقي وزير شزه فاطمه خواجه ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪستان ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ جي قانونسازي ذريعي پنهنجي ڊجيٽل تبديلي کي مستحڪم ڪيو آهي، اداره جاتي ملڪيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ نيشنل ڊجيٽل ڪميشن ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڱاري ڏينهن هتي منعقد ليپ 2026ع ڪانفرنس کي اسان ڊجيٽل قوم ڪيئن بڻائي جي عنوان کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير ٽيڪ ڊسٽينشن پاڪستان پويلين جو افتتاح به ڪيو. پنهنجي خطاب ۾ وفاقي وزير ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پاڪستان ڊجيٽل نيشن پاڪستان ايڪٽ جي قانون سازي ذريعي پنهنجي ڊجيٽل تبديلي کي مستحڪم ڪيو آهي، ان تحت اداري جاتي ملڪيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ نيشنل ڊجيٽل ڪميشن ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته ان قانوني بنياد کي ڪنيڪوٽي ۽ چٽاڀيٽي ۾ سيڙپڪاري ذريعي سگهه ڏني وئي آهي جنهن ۾ اسپيڪٽرم (فائيو جي) جي سڀ کان وڏي نيلامي، خصوصي ٽيڪنالاجي زونز جو قيام ۽ آءِ ٽي انڊسٽري لاءِ ٽيڪسن ۾ گهٽتائي شامل آهي. شزه فاطمه خواجه چيو ته ڊجيٽل تبديلي جو اهو سفر وزيراعظم شهباز شريف جي ويزن جي رهنمائي ۾ ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل جي تعاون سان جاري آهي جنهن جي صدارت وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان ۾ سمورا صوبائي وڏا وزير به شريڪ آهن. هن چيو ته انهن بنيادن کي هموار ڪندي پاڪستان هاڻي هڪ قومي ڊجيٽل اسٽيڪ تيار ڪري رهيو آهي جيڪو نوجوان افرادي قوت، سياسي ۽ اقتصادي استحڪام ۽ وڌندڙ ڊجيٽل انفر اسٽرڪچر سان گڏجي ملڪ کي خطي جي سڀ کان وڌيڪ دلچسپ سيڙپڪاري جي مقصدن مان هڪ بڻائڻ آهي. هن ورجاءُ ڪيو ته ترقي لاءِ حڪومت جي حڪمت عملي جدت، حصيداري ۽ هوشمنداڻي سيڙپڪاري تي ٻڌل آهي. پاڪستان جي ڊجيٽل سفر جا تجربا ۽ نڪتا شيئر ڪندي وفاقي وزير چيو ته حڪومتون ٺوس پاليسي سازي ۽ مضبوط ادارن ذريعي اڳڀرائي ڪن ٿيون جنهن مان اهڙو سازگار ماحول پيدا ٿئي ٿو ته جنهن ۾ نجي شعبو معاشي ترقي جي قيادت ڪري سگهي ٿو.  هن ان ڳالهه تي زور ڀيرو ته پاليسي کي موثر طريقي سان عملي جامو پارائڻ لاءِ هڪ مخصوص مرڪزي ڊجيٽل ايجنسي انتهائي ضروري آهي. هن چيو ته رياست جو ڪردار بنيادي ڊجيٽل انفرااسٽرڪچر جي تعمير آهي جيڪو نجي شعبي کي جدت ۽ وڌيڪ اڳڀرائي لاءِ بااختيار بڻائي ٿو، حقيقي ڊجيٽل اڳڀرائي حصيداري ذريعي ئي حاصل ٿيندي آهي. پنهنجي خطاب جي پڄاڻي تي وفاقي وزير سعودي عرب سان حصيداري کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته ڊجيٽل جدت، صلاحيتن ۾ اضافي ۽ جديد ٽيڪنالاجيز ۾ مسلسل تعاون سان ٻنهي ملڪن لاءِ گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جون نيون راهون کلنديون. ان کان اڳ شروعات ۾ وفاقي وزير ٽيڪ ڊسٽينيشن پاڪستان پويلين جو باقاعده افتتاح ڪيو جنهن ۾ 25 اسٽارٽ اپس ۽ 50 مشهور پاڪستاني ٽيڪنالاجي ڪمپنيون اي آءِ، آٽوميشن ۽ ڊجيٽل ٽيڪنالاجيز ۾ پنهنجا جديد حل پيش ڪري رهيون آهن. ليپ 2026ع ۾ پاڪستان جي شرڪت جو مقصد بزنس ٽو بزنس حصيدارين کي هٿي ڏيڻ، عالمي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ ۽ پاڪستان جي ٽيڪنالاجي جي شعبي لاءِ عالمي مارڪيٽ تائين پهچ ڏيڻ آهي، جڏهن ته عالمي ڪاروباري نيٽ ورڪس کي مضبوط بڻائڻ ۽ ٽيڪنالاجيز جي روانگي واپار لاءِ نوان موقعا پيدا ڪرڻ آهي.